ٻاهرين سيڙپڪاري سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي جي منتقلي سان ملڪ ۾ حقيقي ترقي ٿيندي آهي: وزيراعظم عمران خان

ٻاهرين سيڙپڪاري سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي جي منتقلي سان ملڪ ۾ حقيقي ترقي ٿيندي آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 30 نومبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرين سيڙپڪاري سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي جي منتقلي سان ملڪ ۾ حقيقي ترقي ٿيندي آهي، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا آهن ۽ وڌيڪ سيڙپڪارن کي متوجهه ملندي آهي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سان گهٻرائڻ جي ڪا ضرورت ناهي، اها ٿوري وقت جو معاملو آهي، سيڙپڪاري ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو اچڻ سان معاشي صورتحال بهتر ٿيندي جنهن تي حڪومت خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، هن اها ڳالهه جي ڊبليو فور لينڊ ڪار مينوفيڪچرنگ پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. جيڪو چيني ۽ پاڪستانين ڪمپنين جوگڏيل منصوبو آهي. وزيراعظم عالمي مشهور مينوفيڪچرنگ ڪمپني جي سيڙپڪارن جي آجيان ڪندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري آڻڻ ۽ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ تي آفريدي ڀائرن کي مبارڪباد ڏني، هن چيو ته آفريدي برادر قبائلي علائقن مان اٿي چائنا سان حصيداري ڪئي آهي، جيڪا نهايت قابل تحسين آهي، اهو ئي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻ جو رستو آهي، اها 900 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري آهي پر اها صرف سيڙپڪاري ناهي پر ان سيڙپڪاري سان شروعاتي طور تي 5 هزار پاڪستانين کي نوڪريون ملنديون جيڪي مستقبل ۾ 45 هزار تائين پهچنديون، هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪار مينوفيڪچرنگ يونٽ قائم ٿي رهيو آهي، پهريون هتي صرف گاڏين جا اسيمبلي پلانٽ هئا پر هاڻي انجڻ کان وٺي سڀني حصن تائين مڪمل ڪار پاڪستان ۾ ئي تيار ٿيندي، وزيراعظم چيو ته هن گذريل ڏينهن حڪومت جا سئو ڏينهن مڪمل ٿيڻ جي تقريب ۾ پنهنجي خطاب ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان کي سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻيون آهن جڏهن سيڙپڪاري ايندي آهي ته ملازمتون پيدا ٿينديون آهن، ڊالرز يعني قيمتي پرڏيهي ناڻو ايندو آهي، هن وقت اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو آهي جيڪو تقريبن ساڍا 18 ارب ڊالر آهي يعني سادي لفظن ۾ جيڪي شيون اسان دنيا کي موڪليندا آهيون ۽ دنيا کان خريد ڪندا آهيون ان ۾ تقريبن 2 هزار ارب روپين جو خسارو آهي، حڪومت جو سڀ کان وڏو مسئلو ان خساري کي پورو ڪرڻ آهي، اسان جي آمدني واپار جي لاءِ ڊالرز کپندا آهن، قرضن جو قسطون ادا ڪرڻي آهي ته ڊالر گهرجي ان صورتحال جي بنياد تي ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قيمت گهٽ ٿيندي آهي پر ان ۾ پريشاني جا ڪا ڳالهه نه آهي اها ري ايڊجسٽمينٽ ٿيندي جڏهن ته سيڙپڪاري ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو ايندو ته اڳتي هلي معاملا ٺيڪ ٿي ويندا ۽ حڪومت ان تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، هن چيو ته جڏهن توهان جو ايترو وڏو خسارو هوندو آهي ته ٿوري وقت جي لاءِ مشڪل وقت ايندو آهي اهو انشاءُ الله اڳتي وڃي ڪري ٺيڪ ٿي ويندو، اڳتي اسان کي ڊالرن جي گهٽتائي نه ٿيندي جهڙي طرح چيني ڪمپنيون 900 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي ان سان معيشت کي سگهه ملندي ۽ هتي ڪارون تيار ٿيڻ سان گڏوگڏ اسان ڪارُون برآمد به ڪري سگهنداسين ۽ ان سان وڌيڪ پرڏيهي ناڻو ايندو، وزيراعظم پنهنجي تازي چين جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته دوري جي دوران اسان ڪوشش ڪئي ته سيڙپڪاري سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي منتقل ٿيڻ گهرجي ۽ اهو گڏيل منصوبو ان سلسلي جي ڪڙي آهي، هن چيو ته بدقسمتي سان قرض وٺي اچڻ کي ڪاميابي سمجهيو ويندو آهي اسان چين جي دوري دوران ڳالهه ڪئي ته اسان کي ٽيڪنالاجي گهرجي، اها ٽيڪنالاجي ٽرانسفر آهي ٽيڪنالاجي ٽرانسفر سان ترقي ٿيندي آهي، وزيراعظم چيو ته اها ڪمپني فني تربيت مهيا ڪرن لاءِ اسڪول ٺاهيندي جتي ٽيڪنيشن کي تربيت ملندي ماڻهن کي ملازمتون ملنديون، وزيراعظم چيو ته اسان کي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري طبقي جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ گهرجي جڏهن اسان سيڙپڪارن لاءِ آساني پيدا ڪندا آهيون ته انهن کي ڏسي وڌيڪ سيڙپڪار ايندا آهن هن ان ڏس ۾ چين جي ترقي جو حوالو ڏيندي چيو ته اتي به سيڙپڪاري ۾ آسانيون پيدا ڪيون ويون، برآمدي زون ٺاهيا ويا، ماڻهن کي تربيت ڏني وئي، ٻي طرف اسان ٻاهر کان شيون خريد ڪري رهيا آهيون، مينوفيڪچرنگ ختم ٿي وئي آهي، فيڪٽري جي جڳهه تي هائوسنگ سوسائيٽيون ٺهي رهيون آهن ۽ پلاٽ ٺاهي وڪرو ڪيا پيا وڃن، وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري چاهيون ٿا، جنهن ۾ ٽيڪنالاجي به منتقل ٿيندي اسان جا ماڻهو هنر سکندا، عمران خان ان ڏس ۾ پنهنجي چين ۽ ملائيشا جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ماڻهو مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي رکندا آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي پرڏيهي ناڻو ايندو ۽ روپئي جو قدر مضبوط ٿيندو ۽ ڊالر هيٺ ايندو، وزيراعظم چيو ته اسان سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ به رڪاوٽون ختم ڪندي آسانيون پيدا ڪري رهياآهيون ۽ انهن کي مراعتون ڏئي رهي آهيان ته جيئن هو هنڊي ۽ هوالا جي بدران قانوني ذريعن سان مٽاسٽا جو ناڻو موڪلين اهڙي طرح گهٽ ۾ گهٽ 10 ارب ڊالر وڌيڪ ملڪ ۾ ايندا. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت مني لانڊرنگ ۽ هنڊي کي روڪڻ جي لاءِ به ڪوششون ڪري رهي آهي، هر سال گهٽ ۾ گهٽ 10 ارب ڊالر جي مني لانڊرنگ ٿيندي آهي، اسان کي ان کي روڪڻو آهي، انهن قدمن سان انشاءُالله اسان جو روپيو مضبوط ٿيندو، پريشاني جا ڪا ڳالهه نه آهي. ان کان اڳ پاڪستان ۾ چين جي سفير يائو جنگ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم پاڪستان جو چين جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، هن چيو ته چيني قيادت عوام، واپاري ۽ ڪاروباري ماڻهو عمران خان جي پاڪستان جي ترقي، عوام جي ڀلائي، اقتصادي ترقي جي مثبت سوچ سان انتهائي متاثر ٿيا. هن چيو ته چين جي قيادت واپاري ۽ عوام ان ڳالهه تي متفق آهن ته جيڪو پاڪستان جو مضبوط ۽ مستحڪم دوست آهي، سفير چيو ته چين سدائين پاڪستان جي ترقي ۾ ڀرپور تعاون ڪندو رهندو، هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستاني وزيراعظم پنهنجي عزم ۽ حوصلي سان ملڪ جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي ۾ مثبت تبديليون آڻيندو، هن چيوته سي پيڪ پاڻ ڀاڙڻ جو منصوبو آهي ۽ معيشت جي بهتري لاءِ پاڪستان سان تعاون جاري رکندو.