اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 30 نومبر 2018ء) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جي خاتمي جي پاڪستان جي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجي ذميدارين کان چڱي ريت آگاهه آهن ۽ ان بيماري کان بچاءُ ۽ ان جي علاج کي ترجيح ڏئي رهي آهي، ايڇ آءِ وي ايڊز کان آگاهي جو عالمي ڏينهن ان بيماري جي خلاف جنگ ۾ معاشري جي سمورن طبقن سميت تعليمي ماهرن، مذهبي اسڪالرن، ميڊيا ۽ سول سوسائيٽي جي گڏيل ڪوششن ۽ قدمن جو گهرجائو آهي، صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايڇ آءِ وي ايڊز کان آگاهي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو اڄ ڇنڇر ڏينهن پهرين ڊسمبر تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، صدر چيو ته هر سال ايڊز کان آگاهي جو عالمي ڏينهن ايڇ آءِ وي جي بيماري کان آگاهي، ان بيماري جي حفاظتي تدبيرن ۽ علاج جي خدمتن ۾ بهتري آڻڻ ۽ ان بيماري سان جڙيل امتيازي سلوڪ ۽ موتن کان بچاءُ لاءِ قدمن جي عزم سان ملهايو ويندو آهي. هر سال سڄي دنيا ۾ ان موذي مرض سبب هزارين ماڻهو زندگين کان محروم ٿي رهيا آهن، پاڪستان کي به ان لعنت جي وڌندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، صدر چيو ته ايڇ آءِ وي ايڊز کان آگاهي جو عالمي ڏينهن ان بيماري جي خلاف جنگ ۾ معاشري جي سمورن طبقن سميت تعليمي ماهرن، مذهبي اسڪالرن، ميڊيا ۽ سول سوسائيٽي جي گڏيل ڪوششن ۽ قدمن جو گهرجائو آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي حڪومت پُراثر جامع ايڇ آءِ وي کان بچاءُ جي خدمتن، ايڇ آءِ وي کان متاثر آبادي ۽ ايڇ آءِ وي جي حامل ماڻهن کي مفت مشورا ۽ علاج جي خدمتن جي فراهمي ڪري رهي آهي، ايڇ آءِ وي ايڊز جي خلاف مهم ۾ مختلف شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ، برابري ۽ انساني حقن جو احترام، سماجي انصاف، ايڇ آءِ وي کان بچاءُ، علاج، سارسنڀال ۽ معاونتي خدمتن جي فراهمي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي، صدر چيو ته سڄي دنيا ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز کي ناقابل قبول سماجي رويي سان ڳنڍڻ جو رجحان ڏٺو ويندو آهي جنهن سبب ان بيماري جي حوالي سان امتيازي سلوڪ ۽ رويا جنم وٺي رهيا آهن، انهن روين سبب ايڇ آءِ وي ايڊز کان بچاءُ ۽ علاج جي خدمتن جي فراهمي ۾ گهٽتائي ايندي آهي، ان صورتحال ۾ اها لعنت خاموشي سان پکڙجي رهي آهي، صدر چيو ته هلندڙ سال ايڇ آءِ وي ايڊز کان آگاهي جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”بچاءُ ٽيسٽ ۽ علاج“ رکيو ويو آهي جيڪو بجا طور تي ايڇ آءِ وي ايڊز کان بچاءُ، علاج ۽ انتظام جو خلاصو ڪري رهيو آهي، صدر چيو ته کيس اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته وزارت قومي صحت خدمت، ريگوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز سان جڙيل خطري جي عملن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع ڪوششون ڪري رهيون آهن، صدر چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان سڀني کي پاڪستان کي ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز کان پاڪ ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ڪرڻ چاهي.
وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجي ذميدارين کان چڱي ريت آگاهه آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
7 سال پھريان
