ڪوشش آهي ته هر پاليسي اها عام ماڻهو جي فائدي جي لاءِ هجي: وزيراعظم عمران خان

ڪوشش آهي ته هر پاليسي اها عام ماڻهو جي فائدي جي لاءِ هجي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز29 نومبر2018ء) وزيراعظم عمران خان موجوده حڪومت جي پهرين 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي ۽ آئنده جي لائحه عمل جو اعلان ڪندي چيو آهي ته رحمدلي، خدا جو خوف ۽ احساس جي جذبي سان سرشار رياست مديني جي ماڊل جي پيروي ڪندي سڄو ڌيان معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي حالتن کي بهتر بڻائڻ تي آهي، شروعاتي 100 ڏينهن ۾ اسان جي ڪوشش رهي ته جيڪا به پاليسي ٺاهيون اها عام ماڻهو جي فائدي جي لاءِ هجي، بدعنواني تي ضابطو آڻي ئي پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ۽ غربت مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهون ٿا، غربت جي زنجير ٽوڙڻ جي لاءِ هڪ جامع منصوبي تحت غربت گهٽايو اٿارٽي جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي، لاهور ۾ ڇت کان محروم ۽ فوٽ پاٿن ۽ گلين ۾ سمهندڙ ماڻهن جي لاءِ پناهگاه جو قيام عمل ۾ آندو ويو، راولپنڊي ۽ ڪراچي ۾ به ان طرح جون پناهگاهون تعمير ٿي رهيون آهن، ماضي جي حڪومتن اهڙن ماڻهن جي باري ۾ ڪڏهن به نه سوچيو هو، ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نظام قيام ڪرڻ لاءِ وفاقي وزير شفقت محمود جي قيادت ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. خميس ڏينهن هتي ڪنوينشن سينٽر ۾ حڪومت جي سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان منعقد خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم معاشي صورتحال، معاشري جي غريب ۽ لاچار طبقي جي بهتري، ڪرپشن جي خاتمي، پرڏيهي پاليسي، زراعت، صنعت، سياحت سميت مختلف شعبن ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي تي تفصيلي روشني وڌي. اي پي پي جي رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان چيو ته گذريل 100 ڏينهن ۾ هن ۽ سندس حڪومت الله تعاليٰ جي نبي صه جي رياست مدينه جي ماڊل کي نظر ۾ رکندي معاشري جي ڪمزور ۽ غريب ترين طبقن جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڌيان ڏنو، هن چيو ته رياست مدينه ۾ نبي ڪريم صه جيڪا پاليسي ٺاهي اها عام انسانن ۽ ڪمزور طبقن جي مٿي کڻڻ جي پاليسي هئي، دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڻ صه عام ماڻهن جي پنهنجي پاليسين جو مرڪزي نقطو بڻايو، جيتوڻيڪ ان وقت جي ٻن طاقتن روم ۽ فارس وٽ دولت وڌيڪ هئي پر رحمدلي ۽ احساس جو جذبو مدينه جي رياست جي بنيادي ٿنڀ هو. پاڻ صه جيڪي پاليسيون جوڙيون اهي غريبن، بيواهن، يتيمن ۽ لاچارن جي لاءِ هيون. وزيراعظم چيو ته جانورن ۽ انسانن جي معاشري ۾ فرق هوندو آهي جانورن جي معاشري ۾ طاقت جو اصول هوندو آهي جڏهن ته انسانن جي معاشري ۾ رحم ۽ انصاف هوندو آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل سئو ڏينهن ۾ اسان ڪوشش ڪئي ته اسان جيڪي به پاليسيون ٺاهيون اهي عام ماڻهو جي فائدي جي لاءِ هجن ۽ ان سان ڪمزور طبقن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ملڪ جي ڪمزور ۽ هيٺين طبقن کي مٿي آڻڻ جي لاءِ هو مدينه جي رياست جي پيروي ڪري رهيو آهي. هن فوٽ پاٿن تي سمهندڙ پورهيتن ۽ انهن جي ٻارن جي تصوير جو حوالو ڏيندي چيو ته سندس چوڻ تي لاهور ۾ ڇتن کان محروم ۽ فوٽ پاٿن ۽ گلين ۾ سمهندڙ ماڻهن جي لاءِ پناهگاهه جو قيام عمل ۾ آندو ويو، ان ڏس ۾ پنجاب جي وڏي وزير فوري طور تي پنج پناهگاهن جي نشاندهي ڪئي، راولپنڊي ۽ ڪراچي ۾ به ان طرح جون پناهگاهون تعمير ٿي رهيون آهن، ڪمشنر اسلام آباد به جڳهه جي چونڊ ڪري ورتي آهي، ماضي جي حڪومتن اهڙن ماڻهن جي باري ۾ ڪڏهن نه سوچيو هو. وزيراعظم ان موقعي تي غربت گهٽايو اٿارٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ان اٿارٽي تحت ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ جو هڪ جامع طريقيڪار جوڙيو پيو وڃي، اسٽينڊ گروٿ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان 40 لک حامله عورتن ۽ ٻارن کي متوازن غذا جي فراهمي جو منصوبو رکون ٿا ان سان ان مسئلي کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي اهو به غربت گهٽايو اٿارٽي جي تحت ڪيو ويندو، غريبن جي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي فراهمي ۽ گهرن جي تعمير لاءِ حڪومت غير سرڪاري تنظيم ”اخوت“ کي پنج ارب روپيا ڏنا آهن، اسان مستقبل ۾ به ان طرح جي قدم جاري رکنداسين، ان طرح زڪوات، بي آءِ ايس پي، بيت المال ۽ ٻين ادارن کي به انهي اٿارٽي تحت آڻينداسين ۽ ان جو افتتاح تمام جلد ٿيندو، هن چيو ته بي آءِ ايس پي کي سگهه ڏئي رهيا آهيون، پنج سالن ۾ 324 ارب روپيا مهيا ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ٻهراڙي جي علائقن ۾ غربت جي شرح وڌيڪ آهي، اسان جي حڪومت ننڍن هارين جي لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهي آهي، اسان پنهنجي هارين جي مهارت، ٽيڪنالاجي ۽ مالي امداد ۽ علم تي ٻڌل هنر جي فراهمي تي ڌيان ڏينداسين، اهڙن هارين کي اسان خصوصي رعايت ڏينداسين ڇو ته هي اهڙا هاري هوندا آهن جيڪي علم، ٽيڪنالاجي ۽ وسيلن جي کوٽ سبب گهٽ پيداوار ڏيندا آهن، اهڙن آبادگارن جي مدد ڪرڻ سان انهن جي پيداوار وڌندي جنهن سان اسان جي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو، آبادگارن کي اسان نئين مشينري ڏينداسين، ليزر مشينري جي استعمال سان پاڻي گهٽ خرچ ٿيندو آهي، هن چيو ته ڀارت سان دوستي ۽ سٺن لاڳاپن جي قيام جي اسان جي نيت به غربت جو خاتمو هڪ بنيادي عنصر آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار شروع ٿيڻ سان روزگار جا موقعا وڌندا ۽ اسان پنهنجي هيٺين طبقن کي مٿي آڻڻ جي لائق ٿي سگهنداسين. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ هڪجهڙي تعليمي نظام جي قيام لاءِ وفاقي وزير شفقت محمود جي قيادت ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي هن وقت ملڪ ۾ ٽي طرح جا تعليمي نظام جاري آهن، هڪ ننڍي ايلٽ ڪلاس جي لاءِ انگلش ميڊيم آهي جڏهن ته ٻين طبقن لاءِ لاڳو تعليمي نظام سان شاگردن کي اڳتي وڌائڻ جو موقعو نٿو ملي، اسان اهڙي تعليم آڻڻ چاهيون ٿا جتي سڀني جي لاءِ هڪجهڙا موقعا دستياب هجن، وزيراعظم چيو ته علم حاصل ڪرڻ سخت ضروري آهي ڇو ته تعليم حاصل ڪرڻ سان زندگي جي معيار به بهتري ايندي آهي، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته تعليم ۾ طبقاتي فرق جو خاتمو ٿيو ۽ اسان پنهنجي انهن ٻارن کي اسڪول ۾ آڻي سگهون جيڪي هن وقت اسڪول کان ٻاهر آهن. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت صحت جي شعبي کي به پنهنجي ترجيحن ۾ شامل ڪري رکيو آهي، صحت جي شعبي ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، اسان سرڪاري اسپتالن کي درست ڪرڻ چاهيون ٿا، هن وقت نجي اسپتالون سٺيون آهن ۽ سرڪاري اسپتالون سهولتن جي حوالي سان انهن جو مقابلو نٿيون ڪري سگهن پر نجي اسپتال ۾ صرف صاحب حيثيت ماڻهو ئي علاج ڪرائي سگهن ٿا، ان لاءِ اسان جي ڪوشش آهي ته سرڪاري اسپتالن کي بهتر بڻايو وڃي، ان سان گڏوگڏ غريب ماڻهن کي علاج جي فراهمي جي لاءِ صحت ڪارڊ جو دائرو خيبرپختونخوا کان وڌائي پوري ملڪ تائين پکيڙيو ويو آهي، اي پي پي جي رپورٽ موجب وزيراعظم چيو ته ناڻي واري وزير اسد عمر کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته اسان جيڪي پالسيون ٺاهي رهيا آهيون انهن ۾ غريبن ۽ هيٺين طبقن کي مٿي آڻڻ جي لاءِ ڌيان هجڻ گهرجي، هن چيو ته هو گذريل 22 سالن کان بدعنواني جي خاتمي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، پاڪستان ايستائين ترقي نه ڪندو جيستائين اسان بدعنواني تي ضابطو نه آڻينداسين، بدعنواني هڪ اهڙو ناسور آهي جيڪو غريب پيدا ڪندو آهي، ان جو سبب امير امير ۽ غريب غريب تر ٿيندو ويندو آهي. اهو معاشرو جتي ڪرپشن ٿيندي اتي غربت وڌيڪ هوندي، جيڪي ملڪ خوشحال آهن اتي ڪرپشن جي سطح گهٽ آهي. اي پي پي جي رپورٽ موجب وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي بي پناهه وسيلا ڏنا آهن پاڪستان جا ادارا ڪرپشن سبب تباهه ٿيا آهن، هتي ڪرپشن جي لاءِ ادارن کي تباهه ڪيو ويو، ذاتي مفادن جي لاءِ ايف بي آر، ايس اي سي پي ۽ ان طرح جي ٻين ادارن کي من پسند ماڻهن جي مقررين ۽ ڀرتين جي ذريعي نقصان پهچايو ويو، وزيراعظم چيو ته جڏهن اقتدار سنڀاليو ته اسان کي اندازو نه هو ته ملڪ ۾ ڪيتري چوري ٿي رهي هئي، حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ اسان وٽ معلومات اچي رهي آهي ۽ هر روز نوان انڪشاف ٿيندا رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته جڏهن هو ڪرپشن جي ڳالهه ڪندو آهي ته هو سڄي مخالف ڌر کي نه رڳو انهن ماڻهو جو حوالو ڏيندو آهي جنهن ڪرپشن جي ذريعي ملڪ کي نقصان پهچايو آهي، جڏهن انهن جي ڪرپشن جي ڳالهه ٿيندي آهي ته ان کي جمهوريت خطري ۾ پئجي ويندي آهي، هن چيو ته جيستائين ڪرپشن تي ضابطو نه آڻينداسين، پاڪستان جو ڪو به مستقبل ناهي، وزيراعظم چيو ته نيب آزاد ادارو آهي، موجوده حڪومت نيب ۾ هڪ نائب قاصد تائين ڀرتي ناهي ڪيو جيڪو ڪجهه نيب ڪري رهيو آهي ان جي اسان ذميدار نه آهيون، منهنجو خيال آهي ته نيب ان کان بهتر ڪري سگهي ٿو، تنقيد سڀني کي برداشت ڪرڻ گهرجي، نيب جيڪڏهن صحيح طريقي سان احتساب جو عمل اڳتي نه وڌائيندو ته سزائن جي شرح گهٽ ٿيندي، ملائيشيا ۾ ڪرپشن جي ڪيسن ۾ سزائن جي شرح 90 سيڪڙو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ هر شرح 6 کان 7 سيڪڙو آهي ۽ هتي وڌيڪ پلي بارگين تي ڀاڙيو ويندو آهي، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي منشور ۾ نيب کي بهتر بڻائڻ جو واعدو ڪيو هو پر ڪجهه قانوني معاملن سبب اسان ائين نٿا ڪري سگهون تنهن هوندي به ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن کي مضبوط بڻايو پيوو ڃي، انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مني لانڊرنگ جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته وزيراعظم آفيس ۾ ايسٽ ريڪوري يونٽ بڻايو ويو آهي، ان يونٽ جو ڪم پرڏيهي ملڪن سان مفاهمت جي يادداشتن تي صحيح ڪرڻ آهي، هيستائين 26 ملڪن سان ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون آهن، سئٽزرلينڊ سان اڄ ئي يادداشت تي صحيحون ٿيون، هيستائين ان يونٽ جيڪا معلومات حاصل ڪئي آهي ان موجب 26 ملڪن ۾ پاڪستانين جا 11 ارب ڊالر جو پتو مليو آهي ۽ سوئٽزرلينڊ اڃان ان ۾ شامل نه آهي جڏهن ته پاڪستان کي هن وقت پرڏيهي قرضن جي قسطن جي ادائيگي جي لاءِ 12 ارب ڊالر جي ضرورت آهي، هي معلومات صرف 26 ملڪن جي آهي، اهڙي طرح دبئي کان بئنڪ اڪائونٽس جا جيڪي تفصيل مليا آهن، اتي 1.35 ارب ڊالر جي اڪائونٽس جو پتو چلا آهي، ان ۾ اقامه هولڊرز جي اڪائونٽس جا تفصيل شامل ناهن، ماڻهن کي به سمجهڻ گهرجي ته ماضي ۾ ملڪ جو وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ ناڻي وارو وزير اقامو ڇو وٺندا رهيا، گذريل حڪمرانن کي اقامن جي ضرورت هئي ڇو ته اهڙا اقاما رکندڙن جي اڪائونٽس جا تفصيل ظاهر ناهن ڪيا ويندا، اسان کي اقامن جي ضرورت ناهي، وزيراعظم چيو ته دبئي ۾ پاڪستانين جي 9 ارب ڊالر جي جائيداد جي خبر پئي آهي، وزيراعظم چيو ته مني لانڊرنگ جي خلاف موجوده حڪومت پهريون ڀيرو قدم کنيا آهن، ايف آءِ اي هيستائين 375 ارب روپين جا جعلي اڪائونٽس پڪڙيا آهن، هي جعلي اڪائونٽس مني لانڊرنگ جي لاءِ ٺاهيا ويا هئا، اسان جي حڪومت پهريون ڀيرو مني لانڊرنگ تي هٿ وڌو آهي، اسان ايف آءِ اي کي مضبوط بنائي رهيا آهيون، هن چيو ته ٻي طرف هي صورتحال آهي ته قرضن تي هر روز 6 ارب جو وياج ڏئي رهيا آهيون، حڪومتي ڪارڪردگي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته سڄي ملڪ ۾ ناجائز قبضن جي خلاف قدم کنيا پيا وڃن، سي ڊي اي وٽ پئسا ناهن جيتوڻيڪ سي ڊي اي قبضن جي خلاف ڪارروائي ۾ 350 ارب روپين جي زمين آجي ڪرائي آهي، هن تقريب ۾ موجوده پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جو حوالو ڏيندي چيو ته هو دلير، ساده ۽ ايماندار ماڻهو آهي، ڊرامو ناهي ڪندو، نه ئي وڏيون وڏيون ٽوپيون پائي گهمندو آهي، پنجاب حڪومت هيستائين قبضن جي خلاف ڪارروائي ۾ 88 هزار ايڪڙ زمين قبضي مافيا کان ڇڏرائي آهي جنهن جي قيمت جو هينئر اندازو ناهي ۽ ان جي ماليت 150 کان 200 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ ٿي سگهي ٿي، وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو بجلي چورن جي خلاف منظم سحح تي ڪارروائي جو آغاز ڪيو ويو، هن توانائي واري وزير عمر ايوب کي ساراهيندي چيو ته وڏن وڏن بجلي چورن جي خلاف 6 هزار ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن، پاڪستان ۾ بجلي مهانگي هجڻ جو وڏو سبب ان جي چوري آهي، هر سال 50 ارب روپين جي چوري ٿيندي آهي، وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت ملڪ ۾ ڪاروبار جي فروغ ۽ سيڙپڪاري متوجهه ڪرڻ جي لاءِ به قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته حلال مصنوعات جي عالمي مارڪيٽ 2 هزار ارب ڊالر ساليانو آهي جنهن ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي جيتوڻيڪ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ پاڪستان 10 سر فهرست ملڪن ۾ شامل آهي، پرڏيهي سيڙپڪار به هتي ان شعبي ۾ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان پنهنجي هارين کي مراعتون ۽ ترغيبون ڏئي ان شعبي ۾ موجود صلاحيت مان فائدو کڻي سگهون ٿا، جڏهن اسان ڪم ڪريون ته اسان پاڪستان کي فائدو پهچندو ان سان گڏوگڏ پاڪستان کي سمهاڙي بيماري کان پاڪ بڻائڻ جي لاءِ به ڪم ڪنداسين، ان سان گوشت ۽ لائيو اسٽاڪ جي برآمدات وڌنديون، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ماهي گيري جو شعبو به پنهنجي صلاحيتن موجب پيداوار نه ڏئي رهيو آهي، پاڪستان وٽ هڪ هزار ڪلوميٽر سمنڊ آهي جڏهن ته سامونڊي خوراڪ جي برآمدات نه هجڻ برابر آهي پاڪستان ان شعبي ۾ پنهنجي برآمدات ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ۾ زمين جو هڪ وڏو مسئلو سم ۽ ڪلر جو آهي، سم واري علائقن ۾ جهينگن جي بهترين فارمنگ ٿي سگهي ٿي، ان کانسواءِ چين جي طرز تي ڪيجڊ فشنگ فارمنگ کي به فروغ ڏنو ويندو، بلوچستان ۾ ان حوالي سان تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، وزيراعظم چيو ته ٻهراڙي جي علائقن ۾ رهندڙ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ڏس ۾ انهن کي معاشي ترغيب ڏني ويندي، ٻهراڙي جي علائقن ۾ رهندڙ عورتن کي ديسي مرغيون ۽ بيضا ۽ ٻچار ڏنا ويندا، هي سڀ اهڙا قدم آهن جنهن تي وڌيڪ خرچ نٿو اچي ۽ ان جو سڌو سنئون فائدو غريبن کي پهچندو، وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت منڊي ۾ چٽاڀيٽي پيدا ڪرڻ جي ڌيان ڏئي رهي آهي، لاهور ۾ تمام جلد هڪ وڏي منڊي جو افتتاح ٿيندو، اهڙي طرح پاڻي جي کوٽ هڪ وڏو اشو آهي، اسان تحقيق ڪئي ۽ خبر پئي ته جيڪڏهن سڀ واٽر ڪورسز، واهن کي جيڪڏهن پڪو ڪيو وڃي ته ان سان اسان کي 140 ارب روپين جي بچت ٿيندي، جيڪڏهن اسان 70 هزار واٽرن کي پڪو ڪنداسين ته ملڪ ۾ ڀاشا ڊيم کان وڌيڪ پاڻي موجود هوندو، ان سان گڏوگڏ اسان گهٽ پاڻي سان وڌيڪ پيداوار تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ملڪي معيشت جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته معيشت کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اسان جي بيورو ڪريسي ۽ سياسي طبقي کي پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي جيستائين سيڙپڪار کي منافع نه ملندو هو سيڙپڪاري نه ڪندو، اسان سيڙپڪارن کي مراعتون ۽ ترغيبون نه ڏينداسين ته ڪو به سيڙپڪاري جي لاءِ نه ايندو، ملائيشيا جي ڊاڪٽر مهاتير محمد انهي منصوبي تي عمل ڪيو، هن پرڏيهي سيڙپڪارن کي ترغيب ڏني جنهن سبب 3 ڪروڙ آبادي رکندڙ ملائيشيا ساليانو 220 ارب ڊالر جڏهن ان جي مقابلي ۾ 21 ڪروڙ آبادي رکندڙ پاڪستان 25 ارب ڊالر جي برآمدات ڪري رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته 70 جي ڏهاڪي ۾ ادارن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو غلط هو، ان وقت پاڪستان تيزي سان اڳتي وڌي رهيو هو، وزيراعظم چيو ته حڪومت سيڙپڪاري، برآمدات ۾ اضافي، مٽاسٽا جي ناڻي ۽ ٽيڪس سڌارن جي ذريعي پاڪستان جي معيشت کي فروغ ڏيڻ جي پاليسي تي گامزن آهي، هن چيو ته برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ برآمد ڪندڙن جي لاءِ گئس ۽ بجلي جي مد ۾ سهولتون ڏنيون ويون، ملڪ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ فيصلو ڪرڻو پوندو، پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ملڪ آهي ڇو ته پاڪستان جي 12 ڪروڙ آبادي جي عمر 35 سالن کان گهٽ آهي، هي هڪ اهڙي گروٿ آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ پرڪشش امر آهي، چين نوجوان آبادي کي هنرمند بڻائي اتي سيڙپڪاري جي لاءِ راهون هموار ڪيون جنهن سبب هو پنهنجي 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيو، پاڪستان ۾ بيهڪ جي لحاظ کان سٺو ملڪ آهي، اسان وٽ وسيلا آهن، هتي پرڏيهي سيڙپڪاري جا امڪان وڌيڪ آهن، وزيراعظم چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جي شعبي ۾ به ڪافي ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي، اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن قانوني ذريعن سان پاڪستان پئسو موڪلڻ ۾ آسانيون فراهم ڪيون وڃن ته پاڪستان کي مٽاسٽا جي ناڻي جي مد ۾ وڌيڪ 10 کان 12 ارب ڊالر آساني ملي سگهي ٿي، هي اها ئي رقم آهي جيڪي ادائيگين ۾ توازن جي لاءِ اسان کي ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته ٽيڪس سڌارا به موجوده حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن، ملڪ ۾ هن وقت صرف 21 ڪروڙ ماڻهن مان صرف 72 هزار اهڙا آهن جيڪي دستاويزن تي پنهنجي آمدني 2 لک کان وڌيڪ ظاهر ڪري رهيا آهن، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته 21 ڪروڙ ماڻهن جو بار انهن 72 هزار ٽيڪس گذارن کي کڻڻو پوي، ان کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، اسان ايف بي آر ۾ سڌارا ڪري رهيا آهيون ۽ ان جا نتيجا قوم ڏسندي، انس ان گڏوگڏ ٽيڪس دائري ڪار ۾ توسيع آڻڻ آهي، وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ جي روڪٿام به حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ائين ڪرڻو ضروري به آهي ڇو ته جيڪو سيڙپڪار هتي ٽيڪس ڏئي پنهنجو بزنس هلائي رهيو آهي اهو پيداوار ڏئي رهيو آهي، ان جي مقابلي ۾ اسمگلنگ سان شيون آڻڻ سان سستي هجڻ سبب انهن ماڻهن کي نقصان ٿي رهيو آهي جيڪي ماڻهو ٽيڪس ڏئي هتي ڪاروبار ڪري رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته ڪاري ڌن جو رستو روڪڻو پوندو ڇو ته اهو اسان جي ترقي تي اثر انداز ٿي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته سياحت جي شعبي کي فروغ ڏيڻ به حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، هن ملائيشيا جو مثال ڏيندي چيو ته سمنڊ تي تفريحي ماڳ بڻايا آهن جنهن سبب هو ساليانو 20 ارب ڊالر ڪمائي رهيو آهي، ان جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ تمام وڌيڪ صلاحيت موجود آهي، پاڪستان وٽ هڪ هزار ڪلوميٽر ڊگهي سامونڊي پٽي آهي، هتي مذهبي سياحت جي گنجائش آهي، پاڪستان ۾ ٻڌمت جا ناياب آثار موجود آهن، هري پور جي ويجهو ٻڌ جو دنيا جو سڀ کان وڏو 40 فوٽ جو مجسمو ”سليپگ بڌا“ مليو آهي، اسان ساحلي علائقن ۾ پنهنجي مذهبي روايتن ۽ ثقافت جي موجب سياحتي هنڌ بڻائي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا اتريان علائقا سوئٽزرلينڊ کان ٻيڻ تي وڌيڪ ايراضي رکندڙ آهن، هتي دنيا جو بلند ترين جابلو سلسلو آهي، سياحت جي فروغ جي لاءِ قومي سياحت ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي، اسان هر سال چار نوان ريزارٽ کولينداسين، اسان ماحولياتي لحاظ کان محفوظ سياست کي فروغ ڏينداسين، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عام ماڻهو کي فوري ۽ سستي انصاف جي فراهي پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور ۾ شامل آهي، موجوده حڪومت قانوني سڌارن تي پنهنجو ڌيان ڏئي رهي آهي، حڪومت ضابطه ديواني ۾ سڌارا آڻي رهي آهي، ان تحت ڪيسن جا فيصلا هڪ کان وڌيڪ سال جي اندر هوندا، بيواهن ۽ عورتن کي وارثت ۾ حصو ڏيڻ جي لاءِ خصوصي قانون آندو پيو وڃي اهڙي طرح سمنڊ پار پاڪستانين جي جائيداد جي تحفظ جي لاءِ به قانون آندو پيو وڃي، غريبن جي لاءِ پهريون ڀيرو ليگل ايڊ اٿارٽي قائم ڪئي پئي وڃي جنهن تحت غريبن ۽ وسيلا نه رکندڙ فريادين کي وڪيل جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، ان طرح وسل بلور ايڪٽ به ڪم ٿي رهيو آهي جنهن تحت ڪرپشن جي نشاندهي ڪندڙ کي ريڪور ٿيندڙ رقم مان به 20 سيڪڙو رقم ڏني ويندي ۽ ان کي تحفظ به فراهم ڪيو ويندو، وزيراعظم چيو ته کيس اندازو آهي ته هو محسوس ڪري هو ته هن وقت پگهاردار طبقو ۽ هيٺيون طبقو تڪليف ۾ آهي ڇو ته ڊالر جي قيمت ۾ اضافي سبب قيمتن تي اثر پيا آهن ان جو مون کي احساس آهي ۽ اسان جيتري به ڪوشش ڪري سگهون ٿا ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم چيو ته وزارتن ۽ ڊويزنن کي بچت ۽ ڪفايت شعاري جي باري ۾ واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن، خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان هيستائين 13 ڪروڙ روپين جو صوابديدي فنڊ استعمال نه ڪيو، اها به هڪ بچت آهي، وزيراعظم هائوس ۾ هيستائين 15 ڪروڙ روپين جي بچت آهي، ڪجهه ماڻهو مينهن جي نيلامي جو مذاق اڏائي رهيا آهن پر اهو مذاق ناهي، ماڻهن کي پنهنجي کاڌي لاءِ ماني ڳڀو ميسر ناهي ۽ ٻي طرف سرڪاري وسيلا خرچ ٿي رهيا هئا، اهي سڀ اسان ڪنهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ نه پر خوف خدا سبب ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم پاڪستان جي عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان حالتن کي بهتر بڻائڻ جي پوري ڪوسش ڪري رهيا آهيون، هي مشڪل وقت ضرور آهي پر اسان پاليسيون ٺاهي رهيا آهيون، انشاءُ الله آئون توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته جيئن ئي انهن پاليسين تي عمل ٿيندو، سيڙپڪاري ايندي ته مسئلا گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندا، ماضي ۾ ماڻهو پاڪستان ۾ ڪرپشن سبب سيڙپڪاري نه ڪري رهيا هئا، اسان جي سڀ کان وڏي طاقت پرڏيهي ملڪ ۾ رهندڙ 90 لک پاڪستاني آهن انهن ۾ مختلف پيشن جي ماهرن ۽ هنرمند افراد قوت شامل آهي، جڏهن اسان ملڪ جو نظام بهتر بڻائينداسين ته سب کان پهرين اهو ئي پاڪستاني ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ايندا، وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت هائوسنگ جي شعبي ۾ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي اسان گهرن جي لاءِ قرض حاصل ڪرڻ لاءِ (مارگيج) جي طريقيڪار کي آسان بڻائي رهيا آهيون، هن وقت پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ گهرن جي کوٽ آهي، ماضي ۾ مارگيج نه هجڻ سبب ان شعبي جي لاءِ قرضن نه هجڻ جي برابر هئا، پاڪستان ۾ مارگيج جو جي ڊي پي ۾ حصو 0.2 سيڪڙو آهي، ان شعبي ۾ اسان سرخ ربين جو خاتمو ڪري رهيا آهيون ان سان 40 صنعتن کي سڌو فائدو پهچندو ۽ هيٺين گريڊ وارن سرڪاري ملازمن کي پنهنجا گهر ٺاهڻ ۾ مدد ملندي، پنهنجي تقرير جي آخر ۾ وزيراعظم پنهنجي ٽيم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ علامه اقبال جي شعر جي هڪ مصرعه به پڙهي ”اڀي عشق ڪي امتحان اور ڀي هين“.