وزيراعظم جو هال ۾ موجود ڪارڪنن پاران ڀرپور استقبال

وزيراعظم جو هال ۾ موجود ڪارڪنن پاران ڀرپور استقبال

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز29 نومبر2018ء) وزيراعظم عمران خان پنهنجي حڪومت جي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي جي تقريب کي خطاب جي لاءِ اسٽيج تي آيو ته هال ۾ موجود ڪارڪنن سندس ڀرپور استقبال ڪيو، ان موقعي تي ڪارڪنن پرجوش نعرا هنيا، وزيراعظم جڏهن تقرير جو آغاز ڪيو ته هڪ ڪارڪن نعرو هنيو ته ”وزيراعظم قدم وڌايو اسان توهان سان گڏ آهيون“ جنهن تي وزيراعظم عمران خان چيو ته قدم ڪيڏانهن وڌايان هاڻي ته اسان پهچي ويا آهيون جنهن تي هال ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.