ڪو به سرڪاري ملازم نوڪري مان نه ڪڍيو ويندو: وزيراعظم عمران خان

ڪو به سرڪاري ملازم نوڪري مان نه ڪڍيو ويندو: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز29 نومبر2018ء) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪو به سرڪاري ملازم نوڪري مان نه ڪڍيو ويندو، شوگر ملز جا مسئلا حل جي عمل دوران ڪمند جي آبادگارن جي مفادن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو، هو ڪالهه خميس ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور موجب ٽيڪس پاليسي کي روينيو ايڊمنسٽريشن کان ڌار ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ قانوني ۽ فني معاملا طئي ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ڪابينا مالياتي خساري تي ضابطو آڻڻ ۽ خرچن ۽ اوڳاڙين کي بجيٽ ڪاٿي جي اندر رکڻ جي لاءِ سخت مالياتي ڊسيپلين برقرار رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اجلاس پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي مالياتي مشڪلاتن خاص طور تي ملازمن کي پگهار ۽ پينشن حاصل ڪرڻ ۾ درپيش مسئلن جو جائزو وٺندي اداري کي رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ 400 ملين روپين جي فني سپليمينٽري گرانٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، ان سلسلي ۾ ڪابينا اداري جي مالي استحڪام جي لاءِ سخت مالياتي ڊسيپلين اختيار ڪرڻ ۽ آمدني ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جامع منصوبو تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ ۾ اضافي کنڊ جي دستيابي ۽ آبادگارن کي ادائيگين ۾ دير جي معاملي جو به تفصيلي جائزو ورتو. ان سلسلي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته معاملي کي تفصيلي غور ويچار ۽ مسئلي جي ترجيحي بنياد تي قابل عمل حل جي لاءِ ان کي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته شوگر ملز جي مسئلي جي حل دوران ڪمنڊ جي آبادگارن جي مفادن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو، وفاقي ڪابينا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر جي مقرري لاءِ سرچ ڪميٽي جي جوڙجڪ جي منظوري ڏني، ان ڪميٽي جي سربراهي انساني حقن واري وزارت جي وفاقي وزير شيرين مزاري ڪندي، ڪابينا عائله ماجد، غياث الدين احمد ۽ حامد علي خان جي سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (گارنٽي) لميٽيڊ جي ڊائريڪٽرز جي حيثيت سان مقرري ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان موقعي تي وفاقي ڪابينا مالي سال 19 -2018ع ۾ پاڪ افغان سرحد تي تارون ۽ لائيٽس لڳائڻ جي منصوبي جي لاءِ 20 ارب روپيا جاري ڪرڻ جي منظوري به ڏني، ان موقعي تي وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 22 نومبر جي اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪئي، اي سي سي جي جن فيصلن جي توثيق ڪئي وئي انهن ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي فوت ٿيندڙ ملازمن جي وارثن کي پرويڊنٽ فنڊ، گرجوئيٽي ۽ پي رول جي ادائيگي، سردي جي موسم دوران قدرتي گئس جي لوڊمينيجمينٽ ۽ سرڪاري شعبي جي اضافي ڪڻڪ، پولٽري ايسوسيئيشن آف پاڪستان کي جاري ڪرڻ شامل آهن.