سينيٽ جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز28نومبر2017ء) ايف بي آر چيئرمين سينيٽ جي خصوصي ڪميٽي کي ٻڌايو آهي ته 17 -2016ع ۾ تماڪ سيڪٽر جي شعبي کان ٽيڪس 111 ارب روپين کان گهٽ ٿي 74 ارب روپيا وصول ٿيو آهي جنهن جو بنيادي سبب سگريٽ جي پيداوار ۾ گهٽتائي سبب سيلز ٽيڪس جي گهٽ وصولي آهي، ٿرڊ ٽيئر لڳائڻ سان بهتري اچي رهي آهي، 2017- 2018ع ۾ 14 ارب اضافي ٽيڪس وصول ڪيا ويا ۽ هلندڙ مالي سال ۾ 100 ارب کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو ويندو، جڏهن ته ايندڙ سال جو هدف 120 ارب روپيا آهي، هو اربع ڏينهن تماڪ سيڪٽر مان ملندڙ ٽيڪس ۾ کوٽ جا سبب ڄاڻڻ جي حوالي سان سينيٽ جي خصوصي ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏئي رهيو هو، ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر ڪلثوم پروين جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو، خصوصي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايف بي آر، پاڪستان ٽوبيڪو بورڊ ڪامرس واري وزارت جي عملدارن خصوصي ڪميٽي کي ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي تفصيلن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، سينيٽر ڪلثوم پروين چيو ته ٽيڪس وصولي ۾ هڪدم 40 ارب روپيا گهٽ وصول ٿيڻ ڳڻتي جي ڳالهه آهي ڪٿي ائين نه ٿئي جو ڪنهن خاص طبقي کي رعايت ڏيڻ سان ملڪ کي اربين روپين پهچايو ويو، خصوصي ڪميٽي کي آئنده اجلاس ۾ ٽيڪس گهٽتائي جي سببن جي باري ۾ تفصيلن کان آگاهه ڪيو وڃي. ايف بي آر جي چيئرمين چيو ته گهٽ ٽيڪس وصول ٿيڻ واري سال جو آڊٽ ڪرايو وڃي ته اصل حقيقتون سامهون اچي سگهن، خصوصي ڪميٽي هڪ مهيني ۾ آڊٽ رپورٽ طلب ڪري ورتي، ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته ٿرڊٽيئر لڳائڻ سان سيڪنڊ ٽيئر واري ٿرڊ تي منتقل ٿي وئي انڊيا ۾ 13 ٽيئرز آهن، بنگلاديش ۾ 7 ۽ ملائيشيا ۾ 19 ٽيئرز آهن، سينيٽر دلاور خان چيو ته تماڪو ايڪسپورٽ تي 300 روپيا في ڪلو ٽيڪس لڳائڻ سان پاڪستان جي بهترين تماڪ پيدا ڪندڙ علائقن مردان، سوات ۽ صوابي ۾ ڪاروبار ختم ٿي رهيو آهي، تماڪ آڻڻ تي في ڪلو 22 روپيا ڊيوٽي آهي، جنهن تي ڪنوينر ڪميٽي ايمپورٽ ڊيوٽي وڌائڻ ۽ ايڪسپورٽ ٽي ٽيڪس جي ميڪنزم جو جائزو وٺڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. خصوصي ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر جي ملازمن جي رشتيدارن جي تماڪ ڪمپنين ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن ۾ مقررين سبب گهٽ ٽيڪس وصولي جي ڪا ڏيتي ليتي ناهي، ٽيڪس پاليسي مختلف ادارن سميت ناڻي واري وزارت، پلاننگ واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيلن جي مشاورت سان تيار ڪئي ويندي آهي ڪو انفرادي ان تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال نٿو ڪري سگهي، ڪميٽي کي ايف بي آر جي ملازمن جي تماڪ ڪمپنين ۾ مقرر رشتيدارن جا تفصيل لکت طور تي فراهم ڪيا ويندا، خصوصي ڪميٽي ايڪسپورٽ ۾ بهتري لاءِ سهولتون ڏيڻ ۽ مختلف ملڪن ۾ ڪمرشل قونصلر مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر مشاهد حسين سيد، دلاور خان، سردار محمد شفيق ترين ۽ ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار کانسواءِ ايف بي آر چيئرمين، ٽوبيڪو بورڊ جي چيئرمين، ٽوبيڪو بورڊ جي سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.