خطي ۾ امن جي لاءِ ڀارت هڪ قدم وڌائيندو ته اسان ٻه قدم وڌائينداسين: وزيراعظم عمران خان

خطي ۾ امن جي لاءِ ڀارت هڪ قدم وڌائيندو ته اسان ٻه قدم وڌائينداسين: وزيراعظم عمران خان

ڪرتار پور/نارووال(پاکستان پوائنٹ نیوز28نومبر2017ء) وزيراعظم عمران خان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته خطي ۾ امن جي لاءِ ڀارت جيڪڏهن هڪ قدم وڌائيندو ته پاڪستان ٻه قدم وڌائيندو، اسان ڀارت سان دوستاڻا، مضبوط ۽ مهذب لاڳاپا چاهيون ٿا، ماضي جي زنجيرن کي ٽوڙي اڳتي وڌڻو پوندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بنيادي تڪرار ڪشمير آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي قوت اراديت سان اهو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، امن جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت، سياسي پارٽيون، فوج ۽ سڀئي ادارا هڪ صفحي تي آهن، ڪرتاپور کي دروبين سان ڏسڻ وارا گردوارا درٻار صاحب جي ياترا ڪري سگهندا، سک برادري کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن اها ڳالهه اربع ڏينهن هتي ڪرتارپور لنگهه جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي، تقريب ۾ پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، وفاقي ڪابينا جا ميمبر، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، صوبائي وزير، ڀارتي پنجاب جو وزير ۽ اڳوڻو ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو ڀارت جي وزير هر سمرت ڪور بادل سک برادري جي ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، وزيراعظم عمران خان تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن خاص طور تي سک برادري جي آجيان ڪندي چيو ته اڄ سک برادري جي ميمبرن جي چهرن تي جيڪا خوشي ڏسي رهيو آهي هو ائين ئي آهي جيئن ڪو مسلمان مديني کان چار ڪلو ميٽر پري هجي پر هو مديني نه وڃي سگهي ۽ ان کي مديني وڃڻ جو موقعو ملي ته ان کي جيڪا خوشي ٿيندي اها خوشي آئون اڄ سک برادري جي ميمبرن جي چهرن تي ڏسي رهيو آهيان. وزيراعظم سک برادري کي مخاطب ٿيندي چيو ته پاڪستان جي حڪومت درٻار صاحب ڪرتارپور کي بهتر کان بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻندي ۽ هتي ياترا لاءِ ايندڙ ماڻهن کي بهترين سهولتون ڏيندي، ايندڙ سال بابا گرو نانڪ جي 550 هين سالگرهه جي تقريب جي موقعي تي جڏهن توهان هن علائقي کي ڏسندو ته توهان کي خوشي ٿيندي ته هتي هر قسم جون سهولتون ميسر هوُنديون. وزيراعظم چيو ته منهنجو دوست نوجوت سنگهه سڌو جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن هو ان کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، مون کي سڌو جي ڪرڪيٽ ڪمينٽري ۽ ڪرڪيٽ ڪيريئر جي خبر آهي پر صوفي ڪلام ۾ ان جي مهارت جو مون کي اڄ علم ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته هن 21 سال ڪرڪيٽ کيڏي آهي ، جڏهن ته هو 22 سالن کان سياست جي ميدان ۾ آهي، ڪرڪيٽ جي دور ۾ ٻن طرح جي رانديگرن سان منهنجو واسطو رهيو، هڪ طرح جا رانديگر اهي هئا جيڪي ميدان ۾ قدم رکندي انهن کي هار جو خوف ٿيندو هو ۽ هو هر وقت سوچيندا هئا ته ڪٿي هارائي نه وڃون، اهڙا رانديگر خطرو وٺڻ کان ڊڄندا هئا، ڇاڪاڻ جو انهن کي هار جو خوف هوندو هو، ٻي طرح جا رانديگر کٽڻ جو سوچيندي ئي ميدان ۾ لهندا هئا هو پنهنجي خوف تي ضابطو آڻيندي ۽ کٽڻ جا خواهشمند هئا، ۽ پنهنجي خواهش ۾ هو رسڪ به وٺندا هئا ۽ اهو سوچيندا هئا ته آئون کٽي ويس ته ڇا ٿيندو، چيمپيئن سدائين اهڙي طرح جي سوچ رکندڙ رانديگر بڻجندا هئا. وزيراعظم چيو ته جڏهن هو سياست ۾ آيو ته بدقسمتي سان ان ميدان ۾ به ٻن طرح جي سياستدانن سان هن جو واسطو پيو هڪ اهي سياستدان هئا جيڪي پنهنجي ذات جو سوچيندا هئا ۽ ڪنهن نظريي سان نه هلندا هئا پر پنهنجي ذات کي ترجيح ڏيندا هئا اهڙا ماڻهو عوامي راءِ جي ڊپ سبب مشڪل فيصلا نه ڪري سگهندا هئا ۽ نفرت وڌائي سياست ڪندا هئا. ٻي طرح جا سياستدان اهي هئا جيڪي انسانن جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهيندا هئا هو ان مقصد جي لاءِ وڏا فيصلا وٺندا ۽ انسانن جي ڀلائي اهڙي طرح جي سياستدانن جي ترجيح هوندي هئي. وزيراعظم چيو ته گذريل ستر سالن ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ جيڪي معاملا هلي رهيا هئا اهي سڀني جي سامهون آهن، هن ان موقعي تي منير نيازي جي ان شعر جو حوالو ڏنو ” ڪڇ شهر دي لوگ وي ظالم سن، ڪڇ سانون مرن دا شوق وي سي“ ۽ چيو ته ماضي ۾ غلطيون ٻنهي طرفن کان ٿيون آهن، جيستائين اسان اڳتي نه وڌنداسين ۽ ماضي جون زنجيرون نه ٽوڙينداسين ته الزام تراشي جو سلسلو جاري رهندو، وزيراعظم چيو ته ماضي رهڻ جي لاءِ نه پر سکڻ جي لاءِ آهي. اسان کي جيڪڏهن اڳتي وڌڻو آهي ته اسان کي ماضي کي پوئتي ڇڏڻو پوندو. پاڪستان ۽ ڀارت فرانس ۽ جرمني وانگر سٺي پاڙيسري جي طور تي رهي سگهن ٿا. فرانس ۽ جرمني جا ماضي ۾ هڪٻئي سان جيڪي لاڳاپا رهيا آهن اهي سڀني جي سامهون آهن پر اڄ ان جون سرحدون کليل آهن ۽ انهن جي وچ ۾ واپار ٿي رهيو آهي، اڄ فرانس ۽ جرمني جنگ جو سوچي به نٿا سگهن. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جرمني ۽ جاپان جي وچ ۾ ماضي جي لاڳاپن کي سامهون رکندي ڪو تصور نٿو ڪري سگهي ته اڄ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪا جنگ ٿي سگهندي، اهو ان لاءِ ممڪن ٿيو ڇاڪاڻ جو انهن ملڪن جي قيادت ماضي جي زنجيرن کي ٽوڙي فيصلا ڪيا جيڪڏهن فرانس ۽ جرمني هڪ يونين ٺهي سگهن ٿا ته اسان ائين ڇو نٿا ڪري سگهون، فرانس ۽ جرمني جي وچ ۾ رتوڇاڻ جي تاريخ آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جي تاريخ اهڙي ناهي، اسان انهن وانگر قتل عام ناهي ڪيو ته پوءِ اسان هڪٻئي جي ويجهو ڇو نٿا اچي سگهون، وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ جڏهن هو هندستان ويندو هو ته اتي اهو خيال ظاهر ڪيو ويندو هو ته پاڪستان جي سياستدانن ڀارت سان دوستي جي حوالي سان هڪجهڙا موقف رکندا آهن پر فوج دوستي نٿي چاهي آئون اڄ اهو چوڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان جي حڪومتي پارٽي، سڀئي سياسي پارٽيون، فوج ۽ سڀئي ادارا ان معاملي ۾ هڪ صفحي تي آهن، اسان اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، اسان ڀارت سان مهذب لاڳاپا چاهيون ٿا، وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ڪشمير جو آهي، دنيا جو ڪو اهڙو مسئلو ناهي جيڪو انسان حل نه ڪري سگهي، دنيا چنڊ تي پهچي چڪي آهي، ڇا اسان هي هڪ مسئلو حل نٿا ڪري سگهون، هي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسان ان جو ارادو ڪريون ۽ ان لاءِ ارادي جي قوت واري قيادت هجي، جڏهن ٻنهي ملڪن جي قيادت ارادو ڪندي ته هي مسئلو حل ٿي ويندو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ واپار جي شعبي ۾ صلاحيت موجود آهي، هڪ ڀيرو جيڪڏهن واپار شروع ٿي وڃي ته ان سان ٻنهي ملڪن کي فائدو پهچندو، اسان ڀارت سان دوستي ۽ مضبوط لاڳاپا چاهيون ٿا ۽ ان جو هڪ سبب ننڍي کنڊ ۾ غربت جو سڀ کان وڌيڪ شرح آهي، جيڪڏهن سرحدون کلي وڃن ۽ واپار شروع ٿي وڃي ته غربت ۾ گهٽتائي ايندي، چين جو مثال سڀني جي سامهون آهي، جن 30 سالن ۾ پنهنجي 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، جيتوڻيڪ چين جا به پنهنجي پاڙيسرين سان مسئلا موجود هئا پر چين جي قيادت وڏي سوچ جو مظاهرو ڪيو ۽ هنن غربت جي خاتمي کي ترجيح ڏني وزيراعظم چيو ته ننڍي کنڊ ۾ غربت جي انگن اکرن جي شرح اسان جي سامهون آهي ٻنهي ملڪن جي اصل قيادت کي ننڍي کنڊ جي غربت جي زنجير ۾ جڪڙيل عوام جو سوچڻ گهرجي ۽ ان جو بهترين طريقو اهو آهي ته ان خطي ۾ امن ٿئي. پاڪستان ۽ ڀارت ٻن مختلف شعبن ۾ مهارت رکندا آهن، اسان هڪٻئي جي تجربن مان سکي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ان موقف جو ورجاءُ ڪري ٿو ته هندستان جيڪڏهن هڪ قدم وڌائيندو ته اسان ٻه قدم اڳتي وڌنداسين. وزيراعظم تقريب ۾ موجود سک برادري جي ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان انهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪنداسين ۽ دوربين سان ان درٻار کي ڏسڻ وارا هتي اچي ڪري ياترا ۽ هتي رهي به سگهندا، وزيراعظم چيو ته ٽي مهينا اڳ جڏهن نوجوت سنگهه سنڌو پاڪستان مان واپس ويو ته ان تي ڀارت ۾ ڪجهه ڌرين پاران تمام گهڻي تنقيد ڪئي وئي مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان تي تنقيد ڇو ٿي هن دوستي ۽ پيار جو پيغام ڏنو اهو ڪهڙو ڏوهه آهي، نوجوت سنگهه سڌو اهڙن ملڪن جي دوستي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي جيڪي جوهري طاقتون آهن ۽ جن جي وچ ۾ جنگ ٿي نٿي سگهي، ڇاڪاڻ جو ٻن ايٽمي طاقتن جي وچ ۾ جنگ جو تصور ئي چريائپ آهي، وزيراعظم مذاق واري انداز ۾ چيو ته ڪٿي ائين نه ٿئي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ دوستي جي لاءِ اسان کي اتي سڌو جي وزيراعظم بڻجڻ جو انتظار ڪرڻو پوي، ليڊرشپ کي طاقت ۽ ارادي جي طاقت هجڻ گهرجي، انساني تاريخ مان اسان کي اهو سبق ملندو آهي ته ڪا شيءَ ناممڪن نه آهي، تقريب ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض سينيٽر فيصل جاويد انجام ڏنا.