پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ ڀارت پاران لائين آف ڪنٽرول جي خلاف ورزين تي بحث جي لاءِ رٿ منظور

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ ڀارت پاران لائين آف ڪنٽرول جي خلاف ورزين تي بحث جي لاءِ رٿ منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05اکتوبر2016ء) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ ڀارت پاران لائين آف ڪنٽرول جي خلاف ورزين تي بحث جي لاءِ رٿ منظور ڪئي وئي. ڪالهه اربع ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد رٿ پيش ڪئي ته ايوان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ لائين آف ڪنٽرول تي ڀارت پاران جنگبندي جي خلاف ورزي سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي بحث ڪري. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي.