گڏيل قومون جيڪڏهن اوڀرندي تيمور جو مسئلو حل ڪرائي سگهن ٿيون ته پنهنجي قراردادن جي عزت ۽ توقير جي خاطر ڪشمير مسئلو حل ڇو نٿيون ڪرائي سگهن: سيد خورشيد شاهه جو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب

گڏيل قومون جيڪڏهن اوڀرندي تيمور جو مسئلو حل ڪرائي سگهن ٿيون ته پنهنجي قراردادن جي عزت ۽ توقير جي خاطر ڪشمير مسئلو حل ڇو نٿيون ڪرائي سگهن: سيد خورشيد شاهه جو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05اکتوبر2016ء) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته گڏيل قومون جيڪڏهن اوڀرندي تيمور جو مسئلو حل ڪرائي سگهن ٿيون ته پنهنجي قراردادن جي عزت ۽ توقير جي خاطر ڪشمير مسئلو حل ڇو نٿيون ڪرائي سگهن، ڀارتي پرڏيهي وزير پاران گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي تي پاڪستان کي فائدو کڻڻ گهرجي، ڀارت ان فورم جي توهين ڪئي آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جي شروع ڪيل ائٽمي پروگرام کي ڪنهن آمر نه پر جمهوري اڳواڻ نواز شريف پڄاڻي تي پهچايو، پيپلزپارٽي سدائين جمهوريت، پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ جدوجهد ڪئي، اسان اها جدوجهد جاري رکنداسين. ڪالهه اربع ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته هن اهم اجلاس ۾ مخالف ڌر کي به موقعو فراهم ڪيو ويو، ماضي ۾ اهڙا واقعا ٿيا هئا ته حڪومت موقف سامهون آيو پر مخالف ڌر جو موقف سامهون اچڻ نه ڏنو ويو. هن چيو ته مخالف ڌر به ايتري ئي محب وطن آهي جيتري حڪومت يا ڪو ٻيو. ڪشمير ايشو پاڪستان جي سلامتي، دهشتگردي، ڪرپشن جي ايشو تي ڪا ٻٽي راءِ ناهي هوندي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان ماضي کي سامهون رکندي قراردادن تي عمل ڪريون ها ته اڄ جن حالتن مان گذري رهيا آهيون والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ جهڙيون حالتون نه هجن ها. 9 ڏهاڪن کان اهو مسئلو هلي رهيو آهي، پاڪستان ڪشميرين جي حق جي جنگ سدائين وڙهندور هيو، دنيا تي سفارتي دٻاءُ تسلسل سان برقرار رهي ها ته حالتون ڪافي مختلف هجن ها. 1948، 61ع، 65ع، 71 ۽ پوءِ ڪارگل جي جنگ وڙهي وئي. اهي جنگيون ڪنهن زمين جي ٽڪڙي تي قبضي جي لاءِ نه هيون پر ڪشمير جي لاءِ هيون. هن چيو ته ڀارتي حڪومت پاران لائين آف ڪنٽرول تي حملي، سفارتي سطح تي پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سارڪ ڪانفرنس کي 5 ملڪن گڏجي ناڪام ڪيو. ان ڪانفرنس جي استحڪام جي لاءِ پاڪستان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته سارڪ ڪانفرنس کان به پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر بينظير ڀٽو سفارتي فورم ذريعي ڀارت کي جدا ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي تي حڪومت يا مخالف ڌر جو مسئلو نه آهي پوري قوم جو مسئلو آهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڀارتي ظلمن کي دنيا آڏو رکڻ جي لاءِ وفد پوري ايوان مان جوڙيا وڃن ها ته بهتر هو. هن چيو ته دنيا نيوڪليئر جي معاملي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڌمڪيون ڏنيون پر هو پنهنجي ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي موقف تي ڄمي ويو. نواز شريف شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ائٽمي پروگرام کي اڳيان وڌايو ۽ ڪامياب ائٽمي ڌماڪا ڪيا. ڪنهن آمر اهو ڪم نه ڪيو پر هڪ جمهوري اڳواڻ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته 1965ع ۾ پاڪستان جي آبادي 10 ۽ ڀارت جي آبادي 45 ڪروڙ هئي پر پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ عوام ڀارت کي گوڏا ٽيڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ان وقت ڪشمير مسئلو حل ٿي سگهي ها پر اسان جي سفارتي ڪمزورين سبب ائين نه ٿي سگهيو. هن چيو ته 1965ع ۾ جڏهن ڀارت حملو ڪيو ته هن چيو ته ٽن ڪلاڪن جو ڪم آهي پر جڏهن حملو ٿيو ته پوري پاڪستاني قوم ان حملي جي خلاف شيهي جي ديوار ثابت ٿي. هن چيو ته وزيراعظم جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ تقرير تمام سٺي هئي. بلوچستان ۾ ڀارتي هٿ ملوث هجڻ سبب ۽ خاص طور تي ڪلڀوشن ياديو بابت پڻ ڳالهه ڪرڻ گهرجي ها. گڏيل قومن اوڀرندي تيمور جو مسئلو حل ڪيو ته ڪشمير مسئلو ڇو نه ٿي حل ڪري. هن چيو ته نهرو ته ڪشمير جي حوالي سان 27 آڪٽوبر 1947ع تي لکيو هو جنهن ۾ چيو ويو ته ڪشمير جو مسئلو عوام جي امنگن موجب حل ٿيڻ گهرجي. 2 نومبر 1947ع تي آل انڊيا ريڊيو تان خطاب ڪندي چيو ته آئون اعلان ڪريان ٿو ته جتي عوام مرضي جو فيصلو چاهي ٿي اتي ائين ئي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته سشمسا سوراج گڏيل قومن جي ان ڳالهه جي خلاف ورزي ڪئي. ان جو فائدو پاڪستان کي کڻڻ گهرجي. سپر پاور کي دنيا وٽ پنهنجا وفد موڪلڻ گهرجن ۽ سفارتي جدوجهد تيز ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته ڪشمير جي ايشو ۾ مخالف ڌر ۽ پورو ملڪ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. 150 کان وڌيڪ شهيد، 12 هزار زخمي ٿيا آهن، سوين ماڻهو ڇرن واري گن جو شڪار ٿيا آهن آخر ڪيستائين ڪشمير تي ظلم سهندا رهنداسين. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي منشور جو بنيادي مسئلو ڪشمير جو مسئلو رهيو ۽ پيپلزپارٽي جي جدوجهد سدائين جاري رهندي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پڻ اهو چيو ته فتح پاڪستان ۽ ڪشميرين جي هوندي. اسان کي گڏجي ڪشمير کي آزاد ڪرائڻو آهي ائين ٿيندو. هن چيو ته خودمختياري جو حق گڏيل قومن جي قراردادن جو حصو آهي. 1943ع ماسڪو ۾، 1943ع قاهره ۾ گڏيل قومن خودمختياري جي حق جو فيصلو ڪرڻ کانپوءِ گڏيل قومون خاموش ڇو آهي. اسان کي ان کي اٿارڻو پوندو. 20 ڪروڙ عوام جو آواز حڪمران پارٽي گڏيل قومن تائين پهچائيندي ته دنيا ۾ جيڪا تبديلي ٿي رهي آهي اهڙي طرح گڏيل قومن کي به بيدار ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اتحاد جي سخت ضرورت آهي. پيپلزپارٽي جمهوريت، پارليامينٽ جي حقن لاءِ قربانيون ڏنيون، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جمهوريت خاطر ڦاهي تي چاڙهيو ويو، محترمه بينظير ڀٽو کي چيو ويو ته بي بي پاڪستان نه اچو، دبئي مان چونڊون وڙهو پر هن نه مڃيو ۽ چيو ته پاڪستان ايندس ۽ عوام جي حقن جي جنگ وڙهنديس جيڪڏهن منهنجي جان به هلي وڃي ته پرواهه نه آهي. هوءَ آئي ۽ جان جي قرباني ڏني. پارليامينٽ ڪرپشن جي نظام جو خاتمو چاهي ٿي اهو ئي پاڪستان جي عوام چاهي ٿي.