صدر ۽ وزيراعظم پاران چين جي 67 هين سالگرهه تي مبارڪون

صدر ۽ وزيراعظم پاران چين جي 67 هين سالگرهه تي مبارڪون

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ یکم اکتوبر2016ء) صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف عوامي جمهوريه چين جي قائم ٿيڻ جي 67 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي چيني هم منصبن جي نالي جدا جدا مبارڪباد وارن پيغامن ۾ مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هم منصبن جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف ان خوشي جي موقعي تي سندن صحتمندي ۽ خوشين ۽ چين جي عوام جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. صدر ممنون حسين چين جي صدر زي جن پنگ جي نالي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ۽ پنهنجي پاران کين دل جي گهراين سان خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان مضبوط ڀائيچاري ۽ ٻئي ملڪ گڏيل احترام ۽ ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل موقف تي ٻڌل ڊگهي دوستي جي لاڳاپن ۾ ڳنڍيل آهن. صدر چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه شروع ٿيڻ سان ٻطرفي تعاون تي ٻڌل لاڳاپن ۾ اضافو هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن سان گڏيل ترقي ۽ خوشحالي ايندي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اسان جي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ موجود دوستاڻا لاڳاپا مستحڪم ٿيندا ۽ اسان جي آزمايل اسٽريٽجڪ حصيداري ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفادن ۾ ۽ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ جاري رهندي. صدر ممنون حسين چيو ته تازن سالن ۾ چين پنهنجي عوام جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ ۾ اڻٿڪ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. صدر ممنون حسين اعتماد ظاهر ڪيو ته چيني صدر جي قيادت ۾ ڪاميابين جي بلندين تائين پهچندو ۽ قومي ترقي ۽ اتحاد جي خواب کي تعبير ملندي. وزيراعظم نواز شريف چيني هم منصب لي ڪي چيانگ جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڀائيچاري تي ٻڌل مضبوط لاڳاپا ويجهي تعاون، گڏيل اعتماد ۽ هڪ ٻئي جي مفادن جي مڪمل مفاهمت جا عڪاس آهن. هن چيو ته اسان جي عوام گڏيل احترام ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي گڏيل قدرن جي فروغ ۽ تحفظ جي لاءِ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين دوستي جي بي مثال ڪهاڻي پاڪ چين اقصادي لنگهه تي عملدرآمد سان هڪ نئين باب ۾ داخل ٿي وئي آهي. هن چيو ته مون کي اعتماد آهي ته اهي قدم اسان جي اسٽريٽجڪ حصيداري کي آسمان جي بلندين تائين کڻي ويندا ۽ اسان جي عوام ۽ خطي جي لاءِ ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندا. وزيراعظم نواز شريف چيو ته ٻنهي ملڪن سدائين علائقائي ۽ عالمي فورمن تي هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ خطي ۽ پوري دنيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ گڏ آهن. هن پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو ته گڏيل مفادن تي ٻڌل اهو تعاون مستقبل ۾ وڌيڪ فروغ وٺندو.