وفاقي ڪابينا پاران اورينج لائين لاهور تي ميٽرو ريل ٽرانزٽ سسٽم لاءِ سيڙپڪاري جي فراهمي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ صحيحون ٿيل بين الحڪومتي ڍانچه جاتي معاهدي سميت 28 ايجنڊا آئٽمز جي منظوري

وفاقي ڪابينا پاران اورينج لائين لاهور تي ميٽرو ريل ٽرانزٽ سسٽم لاءِ سيڙپڪاري جي فراهمي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ صحيحون ٿيل بين الحڪومتي ڍانچه جاتي معاهدي سميت 28 ايجنڊا آئٽمز جي منظوري

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 30ستمبر 2016ء) وفاقي ڪابينا اورينج لائين لاهور تي ميٽرو ريل ٽرانزٽ سسٽم لاءِ سيڙپڪاري جي فراهمي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ صحيحون ٿيل بين الحڪومتي ڍانچه جاتي معاهدي، ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون لاءِ مختلف رياستن سان ٺاهن ۽ ”شيشي“ ۽ لاڳاپيل مواد جي درآمد تي پابندي سميت 28 ايجنڊا آئٽمز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ ڪشمير ۽ لائين آف ڪنٽرول جي صورتحال جي سرفهرست رکندي وڏي ايجنڊا غور هيٺ آئي. وزيراعظم هائوس طرفان جاري بيان موجب ڪابينا سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي پيروي ڪندي ذائقي ۽ غير ذائقي شيشي (ٽوبيڪو ۽ ٽوبيڪو فري) ۽ لاڳاپيل شين جي درآمد تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا وزيراعظم جي عالمي پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي پروگرام ۽ بنا نالي جي ڏيڻ وٺڻ کي باقاعده بنائڻ لاءِ تجويز ڪيل قانون سازي جي به منظوري ڏني، ان کانسواءِ غير منقوله پراپرٽي جي ٿرڊ پاڪستان انٽرنيشنل سڪوڪ ڪمپني لميٽيڊ ڪو ۽ ان سان منتقلي تي سينٽرل ويليو ٽيڪس (سي وي ٽي) لاڳو ڪرڻ کان ڇوٽ جي به منظوري ڏني. ڪابينا پاڪستان ۽ بيلاروس جي تعليمي ادارن جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن جي به منطوري ڏني جنهن تحت نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز اسلام آباد ۽ نسڪ اسٽيٽ لينگوسٽڪ يونيورسٽي جي وچ ۾ اردو ۽ بيلاروسي ٻولي جي وچ ۾ ووڪيشنل تعليم جي ميدان ۾ تعاون لاءِ يادداشت نامن جي منظوري ڏني آهي، ان کانسواءِ فضائي خدمتن ۽ پوسٽل سروسز جي باري ۾ معاهدي تي ڳالهيون شروع ڪرڻ، ٽريڊ ڊولپمنيٽ اٿارٽي آف پاڪستان ۽ نيشنل سينٽر فار مارڪيٽنگ اينڊ پرائيس اسٽيڊي آف بيلاروس جي وچ ۾ تعاون جي يادداشت کانسواءِ ٻٽي ٽيڪس کان پاسو ۽ آمدني تي ٽيڪس جي حوالي سان مالياتي چوري جي روڪٿام لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪنوينشن ۾ ترميم جي به اصولي منطوري ڏني. ڪابينا اينٽي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي لاءِ سيڙپڪاري جي فراهمي جي روڪٿام جي شعبي ۾ جاپان جي فنانشنل انٽلي جنس يونٽ ۽ پاڪستان جي فناشنل مانيٽرنگ يونٽ جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت جي به منظوري ڏني، ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي پي ٽي ڪو پي لنڊو جي وچ ۾ ايم او يو، آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي آفيس ۽ ترڪ ڪورٽ آف اڪائونٽس براءِ پبلڪ سيڪٽر آڊيٽنگ جي وچ ۾ يادداشت ۽ پاڪستان جي سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيز ڊولپمينٽ اٿارٽي آف انڊسٽري اينڊ پروڊڪشن ڊويزن ۽ ترڪي جي ميڊيم انٽر پرائيز ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي وچ ۾ يادداسٽ جي به منظوري ڏني وئي، اجلاس پاڪستان ۽ رومانيه جي پرڏيهي وزارتن جي وچ ۾ٻه طرفي مشاورت جي باري ۾ پروٽوڪول تي ڳالهين جي آغاز ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بينڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي حوالي سان معاهدي جي به منظوري ڏني، ڪابينا پاڪستان ۽ جاپان جي حڪومتن جي وچ ۾ پوليو جي خاتمي جي منصوبي جي دستاويزن / قرضه معاهدي جي مٽاسٽا تي صحيحون ۽ پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي باري ۾ معاهدي تي صحيحن جي منظوري ڏني، اجلاس پاڪستان ۽ جرمني جي حڪومتن جي وچ ۾ وارسڪ بحالي منصوبو فنانسنگ ايگريمينٽ تي موثر صحيحون ۽ پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ ننڍي ۽ وچولي ڪاروبار جي فروغ جي شعبي ۾ تعاون جي باري ۾ يادداشت نامن جي منظوري ڏني، ان کانسواءِ وفاقي ڪابينا نيشنل ايڪشن پلان تحت دهشتگردي لاءِ سرمائي جي فراهمي جي روڪٿام لاءِ ناڻي واري ڊويزن طرفان کنيل قدمن کي به نوٽ ڪيو، ان کانسواءِ ڪابينا 23 ۽ 26 سيپٽمبر 2016ع تي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي ۽ 30 آگسٽ ۽ 9 سيپٽمبر 2016ع تي ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جي فيصلن جي به توثيق ڪئي، ڪابينا هن سال 31 آگسٽ تي قانونسازي ڪيسز کي اڪلائڻ لاءِ ڪابينا ڪميٽي ۽ 15 سيپٽمبر، 5 نومبر ۽ 11 نومبر 2014ع جي اجلاسن ۾ نجڪاري جي باري ۾ ڪابينا ڪميٽي جي فيصلن جي به توثيق ڪئي.