وزيراعظم پاران پارلياماني پارلياماني پارٽين جي سربراهن جو اجلاس سومر ڏينهن طلب

وزيراعظم پاران پارلياماني پارلياماني پارٽين جي سربراهن جو اجلاس سومر ڏينهن طلب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 30ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف پارلياماني پارٽين کي ڪشمير ۽ لائين آف ڪنٽرول جي تازي ترين صورتحال کان آگاهه ڪرڻ لاءِ پارلياماني سربراهن جو اجلاس سومر ڏينهن طلب ڪري ورتو آهي. وزيراعظم هائوس طرفان جاري بيان موجب لائين آف ڪنٽرول تي تازي ڇڪتاڻ جي ڏس ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو وچن ورجائڻ لاءِ وفاقي ڪابينا جو اجتماعي رد عمل اهم پهريون قدم هو، بيان ۾ چيو ويو ته ٻيو قدم ڪشميري عوام جي پنهنجي جائز خودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد ۾ پاڪستان جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جي ورجاءُ لاءِ سمورين پارلياماني پارٽين کي اجتماعي آواز بلند ڪرڻو پوندو. هي قومي سلامتي کي فتح نه ڪرڻ جوڳو بڻائڻ جي قومي عزم جو ورجاءُ به هوندو.