صدر ممنون حسين کي ڪينيڊا، نيپال ۽ ڀوٽان جي نامزد سفيرن پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون

صدر ممنون حسين کي ڪينيڊا، نيپال ۽ ڀوٽان جي نامزد سفيرن پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29ستمبر 2016ء) صدر ممنون حسين کي ڪينيڊا، نيپال ۽ ڀوٽان جي نامزد سفيرن ڪالهه خميس ڏينهن ايوان صدر ۾ هڪ شاندار تقريب جي دوران پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. هر سفير هڪ بگي ۾ ايوان صدر جي مين گيٽ تي پهتو، ان موقعي تي پاڪستان ۽ لاڳاپيل ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا ۽ سفيرن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. هاءِ ڪمشنر ۽ سفيرن صدر سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ان موقعي تي صدر ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سمورن ملڪن خاص طور تي پاڙيسري ملڪن سان امن، استحڪام ۽ خطي جي خوشحالي لاءِ دوستاڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا آهن جن مان غير ملڪي سيڙپڪارن کي فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي ۽ آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو. صدر نون سفيرن کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپيل ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندا. جن سفيرن صدر کي پنهنجون سندون پيش ڪيون انهن ۾ ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر پيري جان ڪالڊ رووڊ، نيپال جو سفير المسال اديڪاري ۽ ڀوٽان جو سفير سونم بڊن ربگي شامل هئا. اي پي پي/ش – چ/ر – م 19:04