موجوده حڪومتي دور ۾ 82 کوهن مان تيل ۽ گئس جي ڪامياب دريافت ٿي آهي جيڪو هڪ رڪارڊ آهي: شاهد خاقان عباسي

موجوده حڪومتي دور ۾ 82 کوهن مان تيل ۽ گئس جي ڪامياب دريافت ٿي آهي جيڪو هڪ رڪارڊ آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29ستمبر 2016ء) پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته موجوده حڪومتي دور ۾ 82 کوهن مان تيل ۽ گئس جي ڪامياب دريافت ٿي آهي جيڪو هڪ رڪارڊ آهي، ملڪ ۾ گئس جي روزاني پيداوار 4 هزار ملين ڪيوبڪ فوٽ آهي ۽ ايتري ئي گئس جي کوٽ آهي، ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران خالده منصور جي سوال جي جواب ۾ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي ٻڌايو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ رڪارڊ کوجنا ٿي آهي، اضافي گئس 10 سال کان سسٽم ۾ نه اچي رهي آهي، اسان جي روزاني پيداوار 4000 ملين ڪيوبڪ فوٽ آهي، ان سبب گئس جي کوٽ به ٿيندي آهي، ان کي گئس جي درآمد سان پورو ڪري رهيا آهيون، ايل اين جي ۽ ٻي گئس درآمد ڪري رهيا آهيون، هن وقت 4000 ملين ڪيوبڪ فوٽ تائين ئي گئس جي کوٽ آهي، هن ٻڌايو ته موجوده حڪومتي دور ۾ رڪارڊ 82 کوهه دريافت ٿيا آهن، هن ٻڌايو ته ڪوهاٽ، ڪرڪ، بنون ٽل کان پاڪستان جي اڌ آئل پروڊڪشن ٿي رهي آهي. اي پي پي/ش – چ/ر – م 16:39