پاڪستان ڏکڻ ايشيا کي تباهي کان بچائڻ لاءِ تحمل جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي ڀارت طرفان ايل او سي جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي: مولانا فضل الرحمان

پاڪستان ڏکڻ ايشيا کي تباهي کان بچائڻ لاءِ تحمل جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي ڀارت طرفان ايل او سي جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29ستمبر 2016ء) جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي سربراهه قومي اسيمبلي ميمبر مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا کي تباهي کان بچائڻ لاءِ تحمل جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي ڀارت طرفان ايل او سي جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، پاڪستان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، ڀارت والاريل ڪشمير تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ايل او سي تي فائرنگ ڪري رهيو آهي، ڀارتي وزيراعظم جو مقصد خطي جي امن کي تباهه ڪرڻ آهي، ڪشمير مسئلي تي اسلامي ملڪن سان گهڻيون اميدون لاڳاپيل آهن، ڪالهه خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مودي انتظاميه پاڪستان خلاف واضح پاليسي اختيار ڪئي آهي، ڀارت سفارتي ۽ دفاعي سطح تي پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، ايل او سي تي ڀارتي فائرنگ جي شديد مذمت ڪريون ٿا. اهڙن قدمن سان ڀارت والاريل ڪشمير تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو ان جي باوجود والاريل ڪشمير ۾ پاڪستان جي حق ۾ نعرا لڳي رهيا آهن، ڪشمير پاڪستان لاءِ جانيون قربان ڪري رهيو آهي، پاڪستان جهنڊو ڦڙڪايو پيو وڃي، مولانا فضل الرحمان چيو ته ڀارت کي خطي جي وڏي ملڪ جي حيثيت سان ذميداراڻا قدم کڻڻ گهرجن، پاڪستان هيستائين انهي سبب ڪري تحمل جو مظاهرو ڪري رهيو آهي ته هو ڏکڻ ايشيا کي خطري جي ور نٿو چاڙهڻ چاهي، پر پاڪستان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کي ايل او سي تي ڀارتي فورسز جي فائرنگ جو سختي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ڀارت کي 1949ع جي فائر بندي جي معاهدي تي عملدرآمد لاءِ پابند ڪرڻ گهرجي. سارڪ ڪانفرنس ملتوي ٿيڻ جو ذميدار پاڪستان نه ڀارت آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪ جي دفاع جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. اي پي پي/ش – چ/ر – م 16:25