موٽر وي جو ڄار وڇائڻ جو ڪم ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو: اسيمبلي کي آگاهي

موٽر وي جو ڄار وڇائڻ جو ڪم ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو: اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29ستمبر 2016ء) مواصلات واري وزارت پاران قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته موٽر وي جو ڄار وڇائڻ جو ڪم ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو، گذريل ٽن سالن ۾ موٽر وي ۽ نيشنل هاءِ وي پوليس ۾ 966 اهلڪار ڀرتي ڪيا ويا، گذريل ٽن سالن دوران هاءِ وي موٽر وي تي هڪ ارب 8 ڪروڙ 53 لک روپين کان وڌيڪ جا ڏنڊ هنيا ويا، ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد طاهره اورنگزيب جي سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته موٽر وي تي تهه وڇائڻ جو ڪم ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ايم نائين ڪراچي – حيدرآباد موٽر وي تي 20 سيپٽمبر تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪراچي ۾ طلب ڪيو ويو هو، ان ۾ ايف ڊبليو او ۽ اين ايڇ اي جي ذميدارن شرڪت ڪئي، ان موٽر وي تي متبادل رستا عوام ۽ مسافرن جي لاءِ مشڪلاتن جو سبب آهن، اسان ان حوالي سان قدم کنيا آهن. اي پي پي/ش – چ/ر – م 16:16