سنڌ طاس معاهدو 1960ع ۾ عالمي بئنڪ جي ثالثي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ گڏيل طور تي متفقه انتظام آهي: وزيراعظم نواز شريف

سنڌ طاس معاهدو 1960ع ۾ عالمي بئنڪ جي ثالثي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ گڏيل طور تي متفقه انتظام آهي: وزيراعظم نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 28ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو 1960ع ۾ عالمي بئنڪ جي ثالثي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ گڏيل طور تي متفقه انتظام آهي ۽ ڪو به ملڪ هڪطرفي طور تي معاهدي کان پاڻ کي جدا نه ٿو ڪري سگهي. هن اها ڳالهه ڪالهه اربع ڏينهن هتي هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف، قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه، پرڏيهي سيڪريٽري، ڊي جي ملٽري آپريشنز ۽ سينيئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڌندڙ خلاف ورزين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڀارتي سيڪيورٽي فوج پاران طاقت جي وحشياڻي استعمال جي مذمت ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته دنيا گواهه آهي ته پاڪستان عالمي امن جي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، ملڪ سخت اشتعال انگيزي جي باوجود انتهائي ۽ بي مثال ضبط ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو. اجلاس اتفاق ڪيو ته پاڪستان هڪ پرامن ڏکڻ ايشيا جي لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو ته جيئن ان جي عوام 21 هين صدي جي ترقي ۽ خوشحالي مان فائدو کڻي. ان سان گڏوگڏ اجلاس اهو به اتفاق ڪيو ته پاڪستان پنهنجي عوام ۽ بهادر هٿياربند فوج جي ڀرپور عزم سان گڏ ڪنهن به ٻاهرئين يا اندروني سلامي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته گڏيل قومن جي قراردادن ۾ واعدو ڪيل پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪشميرين تي تشدد ڪڏهن به برداشت نه ڪنداسين ۽ مظلوم ڪشميري نه رڳو پاڪستان جي پر پوري دنيا جي حمايت جا مستحق آهن. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جي حل تائين ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. اجلاس ۾ قومي ۽ علائقائي سلامتي بابت ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو. شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي علائقائي سلامتي جي تحفظ جي لاءِ هٿيارند فوج جي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 19:45