حڪومت ڪسٽمز، سيلز ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جا ٽي سڌا ٽيڪس وصول ڪري ٿي: سينيٽ کي آگاهي

حڪومت ڪسٽمز، سيلز ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جا ٽي سڌا ٽيڪس وصول ڪري ٿي: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 28ستمبر 2016ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت ڪسٽمز، سيلز ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جا ٽي سڌا ٽيڪس وصول ڪري ٿي، 30 جون 2011ع تائين شين تي سيلز ٽيڪس جي شرح 17 سيڪڙو هئي جنهن کي ٻن سالن جي لاءِ 16 سيڪڙو ڪيو ويو، هاڻي ٻيهر اها شرح 17 سيڪڙو ٿي وئي آهي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر عتيق شيخ ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ چيو ويو ته خدمتن تي سيلز ٽيڪس اسلام آباد کانسواءِ صوبن جي دائري اختيار ۾ آهي، اسلام آباد ۾ سروسز تي سيلز ٽيڪس 16 سيڪڙو آهي، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جو معياري اگهه 15 سيڪڙو آهي تنهن هوندي به مختلف شين تي 8 کان 65 سيڪڙو تائين جا مختلف ريٽ فيڊرل ايڪسائيز ايڪٽ 2005ع جي پهرين شيڊيول ۾ مقرر ڪيا ويا، ڪسٽم ڊيوٽي جيڪو سڌو ٽيڪس آهي، ملڪ ۾ شين جي درآمد تي هنيو وڃي ٿو، 16 – 2015ع دوران 4 کرب رپين کان وڌيڪ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ وصول ڪيا ويا، گذريل ڪيترن ئي سالن دوران پاليسي ۽ انتظامي قدمن سبب اڻ سڌن ٽيڪسن تي دارومدار گهٽ ۽ سڌن ٽيڪس ۾ چڱو اضافو ٿيو آهي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 17:41