نومبر کان اڳ سمورا آءِ ڊي پيز پنهنجي گهرن ڏانهن واپس هليا ويندا: جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ

نومبر کان اڳ سمورا آءِ ڊي پيز پنهنجي گهرن ڏانهن واپس هليا ويندا: جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 28ستمبر 2016ء) سيفران واري وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته نومبر کان اڳ سمورا آءِ ڊي پيز پنهنجي گهرن ڏانهن واپس هليا ويندا، فاٽا سڌارن تي ميمبرن کان سٺين تجويزن جي اميد آهي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران ڊاڪٽر شازيه ثوبيه جي سوال جي جواب ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ چيو ته نومبر کان پهرين سمورا آءِ ڊي پيز پنهنجي گهرن ڏانهن واپس هليا ويندا. وڌيڪ ماڻهو واپس وڃي چڪا آهن، اسان فاٽا ريفارمز تي تجويزون وٺي رهيا آهيون، ميمبر به پنهنجون تجويزون ڏين، بهتري جي گنجائش موجود آهي، فاٽا ۾ ايترا وسيلا نه آهن جو ان کي ڌار صوبو بڻايو وڃي. فاٽا سڌارن جي حوالي سان ڪميٽي پنهنجي رپورٽ کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، شگفته جماڻي جي سوال جي جواب ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ ٻڌايو ته فاٽا جي لاءِ 16 -2015ع جي دوران 165 اسڪيمن جي لاءِ 3 ارب 86 ڪروڙ روپيا مختص ڪيا ويا هئا. اي پي پي/ش – چ/ر – م 13:47