وقتي صدر پاران چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جي وائيس چيئرمين کي نشانِ امتياز ملٽري عطا

وقتي صدر پاران چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جي وائيس چيئرمين کي نشانِ امتياز ملٽري عطا

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 18 مئی 2018ء) وقتي صدر محمد صادق سنجرڻي چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جي وائيس چيئرمين جنرل چانگ يوشا کي نشانِ امتياز ملٽري عطا ڪري ڇڏيو آهي. چيني فوج جي سربراهه کي اعزاز عطا ڪرڻ جي تقريب جمعي ڏينهن ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ ٽنهي هٿياربند فوج جي سربراهن کانسواءِ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي، تقريب ۾ معزز مهمان وقتي صدر سان ملاقات به ڪئي، وقتي صدر نشان امتياز ملٽري جو اعزاز حاصل ڪندڙ معزز مهمان کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ۽ چين ويجها دوست، پاڙيسري ۽ قابل اعتماد ساٿي آهن، ڇو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي گڏيل احترام ۽ اعتماد جي لازوال ۽ اڻٽر رشتي سان ڳنڍيل آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪ – چين دوستي اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد آهي ۽ اسان جي دفاعي لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ضمانت آهن، هن ڪشمير سميت سلامتي ۽ علائقائي استحڪام جي معاملن ۾ چين جي اڻٽر حمايت تي چيني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو، ان موقعي تي چيني سينٽرل ملٽري ڪميشن جي وائيس چيئرمين جنرل چانگ يوشا نشان امتياز ملٽري عطا ڪرڻ تي وقتي صدر، پاڪستاني حڪومت ۽ پاڪستاني عوام جو ٿورو ادا ڪيو چيو ته پاڪ – چين دوستي آزمائش جي هر موقعي تي پورو لٿي آهي ۽ هي نسل در نسل جاري رهندي.