وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 25اپریل 2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي سالياني ترقياتي اسڪيمن جي معاملن ۽ بجيٽ تياري کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ منظوري بابت معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو. ڪابينا پاڪ چين ايف ٽي اي تحت خصوصي فورس جي تربيت جي معاهدي، انٽيليڪچوئل پراپرٽي ٽربيونل جي پرزائيڊنگ آفيسر جي مقرري، وفاقي ڪابينا جي ان لينڊ روينيو اپيليٽ ٽربيونل جي چيئرمين جي مقرري ۽ ليگل پريڪٽيشنر ۽ بار ڪائونسل ايڪٽ 1973ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس دوائن جي لائيسنس، رجسٽريشن، تشهير ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ايڊمنسٽريشن آف پراپرٽي رولز ۾ تجويز ڪيل ترميمن بابت قانوني معاملن جي حوالي سان ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جي توثيق ڪئي. ڪابينا توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي ۾ 2 ۽ 3 اپريل 2018ع ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي جڏهن ته پاڪ نائجيريا فضائيه ۾ خصوصي فورسز جي تربيت جي معاهدي جي پڻ منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ سياسي ۽ معاشي صورتحال سميت 18 نقاطي ايجنڊا شامل هئي. ڪابينا هدايت ڪئي ته رهتن جي اوڳاڙي ۽ ايندڙ هدف کي حتمي شڪل ڏني وڃي. ڪابينا پاڪ چين اليڪٽرانڪ اوريجن ڊيٽا جي ٻطرفي مٽاسٽا جي معاهدي، ڪابينا جي ليگل پريڪٽيشنر ۽ بار ڪائونسل ايڪٽ 1973ع ۾ ترميم، وفاقي ڪابينا جي بورڊ آف انويسٽمينٽ جي نئين سر جوڙجڪ، ڪابينا انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ کي تحليل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان کانسواءِ ڪابينا جي توانائي ڪميٽي ۽ توانائي معاملا اڪلائڻ جي ڪميٽي جي فيصلن جي توثيق ۽ ڪامران بشارت مفتي جي بطور پرزائيڊنگ آفيسر انٽيليڪچوئل پراپرٽي ٽربيونل، غلام مصطفيٰ ميمڻ جي بطور ايدمنسٽريشن جج خصوصي عدالت ڪراچي مقرري ۽ شاهد مسعود منظر جي بطور چيئرمين اپيليٽ ٽربيونل ان لينڊ روينيو مقرري جي منظوري ڏني وئي. ان کانسواءِ ڪابينا پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ڪسٽم ڊيٽا ايڪسچينج معاهدي، پاڪستان ۽ نيپال جي ايڊيٽر جنرلز جي وچ ۾ تعاون جي معاهدي ۽ پاڪ تاجڪ آڊيٽر جنرل ۾ پبلڪ سيڪٽر آڊيٽنگ جي لاءِ تعاون جي ياداشت جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا صنعتن ۽ پيداوار جي وزارت جي انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ کي تحليل ڪرڻ جي پنهنجي فيصلي کي برقرار رکيو.