قومي اسيمبلي جي اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 19اپریل 2018ء) قومي اسيمبلي جي اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران اعلان ڪيل پهرين فلم ۽ ڪلچر پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، ڪميٽي پيمرا ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۾ عدليه ۽ فوج سان گڏ پارليامينٽرين کي به شامل ڪرڻ جي لاءِ ترميم آڻڻ تي اتفاق ڪيو، ڪميٽي پي اين سي اي ۾ قيمتي پينٽنگز چوري ٿيڻ جي معاملي تي جاچ ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي جي اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن ڪميٽي جي چيئرمين محمد اسلم بودلا جي صدارت ۾ پي ٽي وي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيو. اجلاس شروع ٿيڻ تي پير محمد اسلم بودلا جي والده جي لاڏاڻي تي فاتحه خواني ڪئي وئي. اجلاس ۾ گذريل اجلاس ۾ طئي ٿيل نقطن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ گذريل اجلاس ۾ طئي ٿيل سفارشن تي عملدرآمد بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ پي اين سي اي مان پينٽنگز چوري ٿيڻ جي معاملي تي بحث ڪيو ويو. پي اين سي اي جي ڊائريڪٽر جنرل جمال شاهه ڪميٽي کي ٻڌايو ته پينٽنگز جي چوري جي جاچ ڪرڻ جي ذميواري مون تي وڌي وڃي ٿي ته معاملي جي جاچ لاءِ تيار آهيان. ڪميٽي جي ميمبر عارفه خالد چيو ته پينٽنگز چوري ٿيڻ جي معاملي جي جاچ ۾ سستي ڪئي پئي وڃي، منهنجي سوالن جا تسلي بخش جواب ناهن ڏنا ويا ۽ پينٽنگز چوري ٿيڻ جي معاملي جي رپورٽ پڻ شيئر نه ڪئي وئي جنهن تي پي اين سي اي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته پي اين سي اي مان پينٽنگز چوري ٿيڻ جو معاملو منهنجي عهدي سنڀالڻ کان اڳ جو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري سرداراحمد نواز سکيرا چيو ته پارليامينٽ کان ڪا به شيءَ لڪائي نه ٿي سگهجي، 3 ڏينهن جي اندر معاملي جي رپورٽ پيش ڪنداسين. هن چيو ته ايف آءِ اي معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي، ڪميٽي ميمبر پروين مسعود چيو ته ڪيترائي ماڻهو دنيا مان هليا ويا آهن باقي ماڻهن جي وڃڻ جو انتظار نه ڪيو وڃي. ايف آءِ اي عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته ٻن هفتن جو وقت ڏنو وڃي، روزاني جي بنياد تي جاچ ڪنداسين. اجلاس ۾ پي ٽي وي جي رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۽ رهتن جي عدم ادائيگي جي معاملي تي غور ڪيو ويو. اطلاعات واري سيڪريٽري ٻڌايو ته ملازمن جي پينشن ۽ بقايائن جي ادائيگي جي لاءِ سمري وزيراعظم ڏانهن موڪلي وئي آهي.