پي اي سي پاران گذريل 50 سالن ۾ ڪي پي ٽي پاران مختلف ادارن ۾ سيڙپڪاري جو مڪمل آڊٽ ۽ سيڙپڪاري تي منافعي جا تفصيل 15 ڏينهن ۾ جڏهن ته ڪي پي ٽي جا رولز اڄ پيش ڪرڻ جي هدايت

پي اي سي پاران گذريل 50 سالن ۾ ڪي پي ٽي پاران مختلف ادارن ۾ سيڙپڪاري جو مڪمل آڊٽ ۽ سيڙپڪاري تي منافعي جا تفصيل 15 ڏينهن ۾ جڏهن ته ڪي پي ٽي جا رولز اڄ پيش ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15مارچ2018ء) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) گذريل 50 سالن ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) پاران مختلف ادارن ۾ سيڙپڪاري جو مڪمل آڊٽ ڪرائڻ ۽ سيڙپڪاري تي منافعي جا تفصيل 15 ڏينهن ۾ جڏهن ته ڪي پي ٽي جا رولز اڄ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن ڪميٽي جي چيئرمين سيد خورشيد احمد شاهه جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جا ميمبر ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن سميت آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جاويد جهانگير شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ميري ٽائيم افيئرز واري وزارت جي مالي سال 17 -2016ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو، آڊٽ عملدارن ٻڌايو ته پورٽ انتظاميه 2008ع کان هينئر تائين مختلف بئنڪن ۽ مالياتي ادارن ۾ 45 ارب روپين کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، اها سيڙپڪاري فنانشل اسٽيمينٽ کانسواءِ ٿي آهي، قومي بچت اسڪيم ۾ حڪومتي هدايتن کان مٿانهون ٿي سيڙپڪاري ڪئي وئي، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ايڪٽ مطابق بئنڪ اڪائونٽس ۾ به رقم نٿي رکي سگهجي، سڄي سيڙپڪاري دوران ڪي پي ٽي ايڪٽ جي به خلاف ورزي ڪئي وئي آهي، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي چيئرمين جميل احمد ٻڌايو ته ناڻي واري وزارت جي پاليسي موجب مرڪزي بئنڪ جي فهرست ۾ اي ريٽنگ جي حامل بئنڪن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهجي ٿي، ميري ٽائيم افيئرز واري سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته اها رقم هڪدم بئنڪن ۾ ناهي رکي وئي، ڪميٽي جي چيئرمين سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته بئنڪن ۽ مالياتي ادارن ۾ ڪنهن به اداري جا پئسي رکندي اهو خيال رکيو ويندو آهي ته ان تي منافعي جي شرح ڪيتري آهي، اداري جي مالي مفادن جو خاص طور تي خيال رکيو ويندو آهي، هن ڪراچي پورٽ ٽرسٽ پاران گذريل 50 سالن جي سيڙپڪاري جو مڪمل آڊٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سيڙپڪاري تي منافعي جا تفصيل به 15 ڏينهن ۾ پيش ڪيا وڃن، اجلاس ۾ ڪي پي ٽي جي قاعدن ۽ ضابطن جي معاملي تي به ڊگهي ڳالهه ٻولهه ٿي.