قومي اسيمبلي ۾ ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي وچ ۾ تلخ جملن جي ڏي وٺ

قومي اسيمبلي ۾ ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي وچ ۾ تلخ جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15مارچ2018ء) قومي اسيمبلي ۾ خميس ڏينهن مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي وچ ۾ تلخ جملن جي ڏي وٺ ٿي، ميمبرن هڪٻئي تي هوڪرون ڪندا رهيا ۽ هڪٻئي کي ڌمڪائيندا رهيا، ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي وڏي مشڪل سان حالتن کي ڪنٽرول ڪيو، پي ٽي آءِ جي ميمبر حامد الحق ان معاملي ۾ به اڳيان اڳيان رهيو۔