تڪراري ڊيمن جي ڳالهه ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي: لالچند

تڪراري ڊيمن جي ڳالهه ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي: لالچند

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15مارچ2018ء) اقليتي قومي اسيمبلي ميمبر لالچند چيو آهي ته صوبائي حڪومت سنڌ جي اسيمبلي ميمبرن کي گذريل پنج سالن دوران ڪا به رقم ناهي ڏني، تڪراري ڊيمن جي ڳالهه ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي لالچند چيو ته وزيراعظم 10 ڪروڙ جي ميچنگ گرانٽ جو اعلان ڪيو هو جنهن تحت 10 ڪروڙ صوبائي حڪومت ۽ 10 ڪروڙ مرڪزي حڪومت کي ڏيڻا هئا، صوبائي حڪومت سنڌ جي اسيمبلي ميمبرن کي گذريل پنج سالن دوران ڪا رقم ناهي ڏني، تڪراري ڊيمن جي خلاف صوبائي اسيمبليون قراردادون منظور ڪري چڪيون آهن ان حوالي سان ڳالهه نه ڪئي وڃي.