سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي سيٽ لاءِ اڪثريت حاصل آهي، سياست ڪرڻ سڀني جو حق آهي: شيري رحمان

سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي سيٽ لاءِ اڪثريت حاصل آهي، سياست ڪرڻ سڀني جو حق آهي: شيري رحمان

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15مارچ2018ء) پيپلزپارٽي طرفان نامزد ڪيل مخالف ڌر اڳواڻ جي اميدوار سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته مخالف ڌر اڳواڻ جي سيٽ لاءِ کيس اڪثريت حاصل آهي، سياست ڪرڻ سڀني جو حق آهي، خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي چيمبرس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته انشاءُ الله سينيٽ ۾ کيس اڪثريت حاصل آهي، سندس پارٽي ان سيٽ لاءِ سندس جي چونڊ ڪئي آهي جنهن تي هو آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ٿورائتي آهي، پارٽي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ان تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنديس، هن چيو ته اپوزيشن جا دروازا سدائين کليل هوندا آهن، سياست ڪرڻ سڀني جو حق آهي، اسان کي اڪثريت حاصل آهي.