مختيار عاجز ڌامراهه ۽ الياس احمد بلور پاران ڄام ساقي کي خراج عقيدت پيش

مختيار عاجز ڌامراهه ۽ الياس احمد بلور پاران ڄام ساقي کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 06مارچ2018ء) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر مختيار عاجز ڌامراهه ۽ اي اين پي جي سينيٽر الياس احمد بلور سياسي اڳواڻ ڄام ساقي کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ هنن چيو ته ڄام ساقي سڄي زندگي جمهوريت جي لاءِ جدوجهد ڪئي، هن آمريت جي خلاف ڊگهي قيد جون صعوبتون برداشت ڪيون. هنن چيو ته ڄام ساقي جي ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ ڪوششون اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن.