2013ع کانپوءِ ملڪ ۾ نشي وارين دوائن جي استعمال جي حوالي سان ڪا به سروي ناهي ڪئي وئي: سينيٽ کي آگاهي

2013ع کانپوءِ ملڪ ۾ نشي وارين دوائن جي استعمال جي حوالي سان ڪا به سروي ناهي ڪئي وئي: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09ستمبر 2016ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته 2013ع کانپوءِ ملڪ ۾ نشي وارين دوائن جي استعمال جي حوالي سان ڪا به سروي ناهي ڪئي وئي. جمعي ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن واري وقفي دوران گهرو وزارت طرفان لکت واري جواب ۾ اجلاس کي ٻڌايو ويو آهي ته يو اين او ڊي سي کي درخواست ڪئي وئي آهي ته دوائون استعمال ڪندڙن بابت تازي سروي شروع ڪئي وڃي، ان کانسواءِ منشيات جي خاتمي واري قانون جي ايڪٽ 1997ع جي موجب به هر صوبائي حڪومت پنهنجي لاڳاپيل حدن ۾ منشيات جو استعمال ڪندڙن جي علاج ۽ بحالي جي مقصد جي لاءِ انهن جي رجسٽريشن جي پابند آهي.