رجسٽرڊ ٿيل افغان پناهگيرن جي قيام ۾ ايندڙ سال 31 مارچ تائين توسيع ڏني وئي آهي: وفاقي حڪومت

رجسٽرڊ ٿيل افغان پناهگيرن جي قيام ۾ ايندڙ سال 31 مارچ تائين توسيع ڏني وئي آهي: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09ستمبر 2016ء) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ رهندڙ رجسٽرڊ ٿيل افغان پناهگيرن جي قيام کي ايندڙ سال 31 مارچ تائين توسيع ڏئي ڇڏي آهي، جمعي ڏينهن وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس افغان پناهگيرن بابت پروف رجسٽريشن ڪارڊ ۽ ٽه ڌرئي معاهدي ۾ توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم چيو ته افغان اسان جا ڀائر آهن ۽ اسان کي گهڻا عزيز آهن انهن جي سهولت لاءِ مناسب ۽ ٺوس قدمن کي يقيني بڻايو ويندو، هن رياستن ۽ سرحدي علائقن واري وزارت کي هدايت ڪئي ته افغان پناهگيرن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ مرڪزي ڌارا جي سياسي پارٽين جي قومي قيادت ۽ افغان نمائندن سان وسيع بنياد تي مشاورت ڪئي وڃي، وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسان ان ڳالهه جي اجازت نه ڏينداسين ته پاڪستان ۾ رهندڙ افغان پناهگيرن کي ڪنهن به طرح خوفزدهه ڪيو وڃي. هو اسان جا مهمان آهن ۽ انهن جي واپسي جو منصوبو اهڙي طرح طئي ڪيو وڃي ته سرحد جي ٻنهي طرفن رهندڙ ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪو به غلط تاثر پيدا نه ٿئي.