سينيٽ چيئرمين قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻن جدا جدا بلن تي ڪميٽي جون رپورٽون پيش ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ وقت ڏئي ڇڏيو

سينيٽ چيئرمين قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻن جدا جدا بلن تي ڪميٽي جون رپورٽون پيش ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ وقت ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 22 فروری2018ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻن جدا جدا بلن تي ڪميٽي جون رپورٽون پيش ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ وقت ڏئي ڇڏيو. ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران آرٽيڪل 255 ۾ ترميم جي لاءِ آئيني (ترميمي) بل 2017ع جڏهن ته ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران مفادن جي ٽڪراءُ جي منع ۽ انتظام بل 2017ع تي ڪميٽين جون رپورٽون پيش ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ وقت جي درخواست ڪئي وئي. چيئرمين ايوان کان راءِ وٺڻ کانپوءِ ڪميٽين کي وڌيڪ وقت ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.