پارليامينٽ ميمبرن کي عملي ۽ آفيس جي فراهمي جي حوالي سان سينيٽ سفارشون منظور ڪري: وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد

پارليامينٽ ميمبرن کي عملي ۽ آفيس جي فراهمي جي حوالي سان سينيٽ سفارشون منظور ڪري: وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08ستمبر 2016ء) پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو آهي ته پارليامينٽ ميمبرن کي عملي ۽ آفيس جي فراهمي جي حوالي سان سينيٽ سفارشون منظور ڪري، انهن تي غور ڪيو ويندو. ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر صلاح الدين ترمذي جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته في الحال ان حوالي سان ڪا تجويز حڪومت جي غور هيٺ نه آهي، تنهن هوندي به جيڪڏهن سينيٽ مان ڪا سفارش منظور ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ ان تي غور ڪيو ويندو.