وزيراعظم پاران وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب

وزيراعظم پاران وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ جمعي ڏينهن طلب ڪري ورتو آهي. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ديامير ڀاشا ڊيم، سائبر ڪرائيم بل تي عملدرآمد ۽ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن جي توثيق سميت ٻيا معاملا ايجنڊا ۾ شامل آهن.