پاڪستان سمورن اهم غذائي جنسن ۾ پاڻڀرو آهي: وفاقي وزير سڪندر حيات بوسڻ

پاڪستان سمورن اهم غذائي جنسن ۾ پاڻڀرو آهي: وفاقي وزير سڪندر حيات بوسڻ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08ستمبر 2016ء) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سڪندر حيات بوسڻ چيو آهي ته پاڪستان سمورن اهم غذائي جنسن ۾ پاڻڀرو آهي، گذريل پنج سالن دوران ڪڻڪ جي اضافي پيداوار ٿي آهي، ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران منزه حسن جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير ٻڌايو ته آبادگارن جي تربيت ٿي آهي ۽ کين تربيت ڏيڻ جا سٺا نتيجا سامهون آيا آهن، هن چيو ته اسان اهڙيون جيت مار دوائون جي صحت لاءِ نقصان ڪار هونديون آهن جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي آهي، ٽن سالن کان اهڙي ڪا به شيءَ ٻاهر ناهي وئي جنهن تي پابندي هجي.