بلوچستان جي آفيسرن جي ترقي بابت سوال لاڳاپيل ڪميٽي حوالي

بلوچستان جي آفيسرن جي ترقي بابت سوال لاڳاپيل ڪميٽي حوالي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 07ستمبر 2016ء) بلوچستان جو ڊوميسائيل رکندڙ آفيسرن جي ترقين بابت 3 سوال لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪليا ويا آهن. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر مير ڪبير احمد محمد شاهي جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد ٻڌايو ته بلوچستان جو ڊوميسائيل رکندڙ آفيسر گريڊ 21 ۾ ترقي کانپوءِ ان صوبي کان ٻاهر نوڪري ڪرڻ جو استحقاق رکن ٿا پر شرط اهو آهي ته بلوچستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ نوڪري جو 10 سال عرصو هجي، گريڊ 20 ۾ ترقي جي صورت ۾ بلوچستان ۾ نوڪري جو عرصو 7 سال هجي يعني پنهنجي صوبي ۾ نوڪري 7 سال هجي، روٽيشن پاليسي صرف بلوچستان جو ڊوميسائيل رکندڙ آفيسرن تي لاڳو ٿئي ٿي، اهو فيصلو صوبي ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪيو ويو آهي ته جيئن صوبي جو ڊوميسائيل رکندڙ آفيسر پنهنجي صوبي جي اندر ئي خدمتون سرانجام ڏين. سينيٽر عثمان ڪاڪڙ مطالبو ڪيو ته ان سوال کي لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي، وفاقي حڪومت ۾ سيڪريٽري جي سطح تي ڪو آفيسر بلوچستان جو نه آهي، پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن ميمبر چاهين ٿا ته ان سوال کي ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي ته مون کي اعتراض نه آهي ميمبرن جي راءِ جو احترام آهي. صدارت ڪندڙ اهو سوال لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو جڏهن ته ان سان لاڳاپيل سوال پڻ ڪميٽين ڏانهن موڪليا ويا.