فوج ۽ انٽيليجنس ايجنسين دشمن جا ارادا ناڪام بڻايا: سينيٽر عبدالقيوم

فوج ۽ انٽيليجنس ايجنسين دشمن جا ارادا ناڪام بڻايا: سينيٽر عبدالقيوم

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 07ستمبر 2016ء) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم چيو آهي ته فوج ۽ انٽيليجنس ايجنسين دشمن جا ارادا ناڪام بڻايا، ان جي ڪري ئي اڄ اسان محفوظ آهيون. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران ڪوئيٽا ۽ مردان سانحي تي بحث ۾ حصو وٺندي ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم چيو ته ڪوئيٽا ۾ جيڪو ٿيو ان تي دل رت جا ڳوڙها روئي آهي ڪالهه جيڪو ڪابل ۾ ٿيو اهو به افسوسناڪ آهي، پيرس، فلوجه ۾ به جيڪا دهشتگردي ٿي رهي آهي ان تي به اسان جون دليون ڏکويل آهن، اسان جي فوج ۽ انٽيليجنس ايجنسين دشمن جا ارادا ناڪام بڻايا، ڪالهه يوم دفاع هو ۽ ڪالهه ئي انگريزي اخبار جي سرخي هئي ته سينيٽرن فوج ۽ ادارن جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪيو. فوج ۽ انٽيليجنس ادارن سبب ئي اسان محفوظ آهيون ۽ دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي آهي. سي پيڪ پاڪستان جو منصوبو آهي، حملو ملڪ ۾ جتي به ٿئي اهو پاڪستان تي حملو آهي، دشمن عدم استحڪام پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ کي غيرمحفوظ بڻائڻ چاهين ٿا، سي پيڪ جو منصوبو دشمنن کان هضم نه ٿي رهيو آهي، اهو منصوبو ملڪ جي تقدير بدلائيندو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:32