بونير ۾ 54 هزار 789 ماڻهن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت امداد ڏني پئي وڃي: پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان

بونير ۾ 54 هزار 789 ماڻهن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت امداد ڏني پئي وڃي: پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 07ستمبر 2016ء) ناڻي واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان چيو آهي ته بونير ۾ 54 هزار 789 ماڻهن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت امداد ڏني پئي وڃي، ان مان 7575 ماڻهن وٽ ڪارڊ نه آهي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شير اڪبر خان جي بونير ۾ 2014ع کان بينظير ڊيبٽ ڪارڊ سينٽر جي بندش بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان چيو ته بونير ۾ 54789 ماڻهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، انهن مان صرف 7475 ماڻهن وٽ ڪارڊ نه آهي، ان علائقي ۾ هڪ مهيني ۾ 20 ماڻهو به ڪارڊ بڻائڻ جي لاءِ ناهن ايندا، انهن سينٽرن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کانسواءِ بئنڪن ۽ نادرا جو عملو به هوندو آهي، 20 لک روپيا صرف پگهارن جي مد ۾ ادا ٿيندا آهن، ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي شير اڪبر خان ۽ صاحبزاده محمد يعقوب جي سوالن جي جواب ۾ پارليماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان چيو ته ڊسمبر کان اسان ان حوالي سان بايوميٽرڪ سسٽم لاڳو ڪيو پيو وڃي جنهن سان هي مسئلو حل ٿي ويندو، اسپيڪر ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته بونير پوئتي پيل علائقو آهي ان جو اهو مسئلو حل ڪيو وڃي، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري چيو ته صرف 13 سيڪڙو ماڻهو پنهنجو ڪارڊ نه بڻائي سگهيا.