قومي اسيمبلي پاران بنگلاديش ۾ مير قاسم کي ڦاهي ڏيڻ جي خلاف مذمتي قرارداد منظور

قومي اسيمبلي پاران بنگلاديش ۾ مير قاسم کي ڦاهي ڏيڻ جي خلاف مذمتي قرارداد منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 07ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي بنگلاديش ۾ مير قاسم کي ڦاهي ڏيڻ جي خلاف مذمتي قرارداد منظور ڪري ورتي جنهن ۾ بنگلاديشي حڪومت تي زور ڏنو ويو آهي ته پاڪستان جي حمايت ڪرڻ جي الزام ۾ ماڻهن کي ڦاهيون ڏيڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ جماعت اسلامي جي ميمبر شير اڪبر خان رٿ پيش ڪئي ته قرارداد آڻڻ جي لاءِ قاعدن ۽ ضابطن بابت قاعدا معطل ڪيا وڃن، ايوان مان رٿ جي منظوري کانپوءِ شير اڪبر قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان بنگلاديش حڪومت طرفان قاسم علي کي 1971ع ۾ پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي جي الزام ۾ ڦاهي جي ذريعي قتل ڪرڻ جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ بنگلاديش حڪومت تي زور ڏئي ٿو ته هي سلسلو بند ڪيو وڃي، هي ايوان عالمي برادري تي زور ڏي ٿو ته هو انساني حقن جون هي خلاف ورزيون بند ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، قومي اسيمبلي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي.