پاڪستان ۽ انڊونيشيا ۾ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: سردار اياز صادق

پاڪستان ۽ انڊونيشيا ۾ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: سردار اياز صادق

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ26جنوری2018ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ خطي سميت دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ واپار، معيشت، ثقافت ۽ پائيدار امن جي حوالي سان موجوده لاڳاپن کي شراڪتداري ۾ بدلائي رهيا آهن، عوامي سطح تي رابطن جي فروغ ۾ ٻئي قومون وڌيڪ ويجهو اينديون. جمعي ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب جي لاءِ انڊونيشيا جي صدر جي پارليامينٽ آمد تي سندس آجيان ڪندي هن چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي اسان جي گڏيل دشمن آهي، اسان جون ٻئي قومون گهري تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ ٻڌل آهن، اسان جا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي معروض وجود ۾ اچڻ کان اڳ به موجود هئا ڇو ته اسان پنهنجي آزادي جي جدوجهد جي دوران به هڪٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هئاسين، 17 آگسٽ 1945ع تي جڏهن انڊونيشيا جي باباءِ قوم ڊاڪٽر احمد سوئيڪارنو ولنديزيون کي پنهنجي قوم جي آزادي جو اعلان ڪيو ته قائداعظم محمد علي جناح جيڪو ان وقت آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر هو، اوڀر بعيد ۾ مقرر برطانوي سامراجي فوج جي مسلمان فوجين کي درخواست ڪئي ته هو ولنديزي سامراجي جارحيت جي خلاف پنهنجي انڊونيشيائي ڀائرن جو ساٿ ڏين، هن چيو ته مجلس شوريٰ پارليامينٽ، اسلامي جمهوريه پاڪستان جي طرفان انڊونيشيا جي صدر جوڪو ودودو جي جمهوري طور تي چونڊيل ستين صدر جو آجيان ڪرڻ منهنجي لاءِ منفرد مسرت جو باعث آهي، هن چيو ته انڊونيشيا جي صدر جو دورو ۽ هن پارليامينٽ کي ان جو خطاب اسان جي لاءِ انتهائي تاريخي اهميت رکي ٿو، ڊاڪٽر احمد سوئيڪارنو انڊونيشيا جو پهريون صدر هو جنهن 26 جون 1963ع تي قومي اسيمبلي پاڪستان کي خطاب ڪيو ۽ هاڻي 55 سالن کانپوءِ هي ايوان دنيا جي سڀ کان وڏي مسلمان آبادي واري ملڪ جي جمهوري طور تي چونڊيل صدر کي پنهنجي وچ ۾ موجودگي تي سرهو آهي، هن چيو ته 20 ڪروڙ عوام جي نمائنده جي حيثيت سان هي پارليامينٽ انڊونيشيا جي صدر جي موجودگي تي فخر ڪري ٿو، اسان جون ٻئي قومون گهري تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ ٻڌل آهن، اهو اسان جي ٻنهي ملڪن جو روشن باب رهيو آهي ته ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند کان تقريبن 600 مسلمان فوجين انڊونيشيائي آزادي جي جنگ ۾ حصو ورتو جنهن مان 500 جام شهادت نوش ڪيو هي 600 خوش نصيب شخص اسان ٻنهي جي قومن جا گڏيل هيروز آهن ۽ اسان گڏيل طور تي کين سلام پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي انڊونيشيائي آزادي جي جدوجهد سان ذاتي وابستگي ان حقيقت مان ظاهر ٿئي ٿي ته هن ڪراچي جي هوائي اڏي تي ولنديزي جهازن کي روڪڻ جو حڪم ڏنو، جيڪو جڪارتا ۾ پنهنجي فوج جي لاءِ ساز ۽ سامان کڻي وڃي رهيا هئا، پاڪستان کي ان حقيقت تي فخر آهي ته جڏهن 1995ع ۾ انڊونيشيا جي پنهنجي گولڊن جوبلي ملهائي ته هن پنهنجي پاڪستاني ساٿين کي نه وساريو ۽ قائداعظم محمد علي جناح کي سڀ کان وڏو سول ايوارڊ ”ادي – پورا“ سان نوازيو، هن چيو ته انڊونيشيائي ڀائرن ۽ ڀينرن پنهنجي طرفان ڪڏهن به بحران جي گهڙين ۾ پاڪتسان کي اڪيلو نه ڇڏيو، 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ جي دوران هن اسان جو ڪلهوڪلهي ۾ ملائي ساٿ ڏنو ۽ ان نازڪ وقت ۾ انڊونيشيا وٽ جيڪي به فوجي وسيلا موجود هئا اهي اسان جي حوالي ڪرڻ ۾ هڪ لمحي جي لنوائڻ جو مظاهرو نه ڪيو، هي اظهرمن الشمس آهي ته ڪشمير ئي ڏکڻ ايشيا ۾ 1948ع، 1965، 1971ع ۽ ان کانپوءِ جي تڪرارن جو بنيادي سبب رهيو آهي، هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي امن لاءِ ڪشميرين جي خواهشمن موجب ۽ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن جي روشني ۾ ان حل طلب مسئلي جو منصفاڻو ۽ پرامن حل گهربل آهي، هن چيو ته پاڪستان اميد ڪري ٿو ته انڊونيشيا جهڙا دوست ملڪ ان ڏس ۾ پاڪستان جي مدد ڪندا رهندا اسان جي ٻنهي عوام جي تاريخي تعاون ۾ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ تنوع واقع ٿيو آهي جنهن سان اسان جي ٻنهي ملڪن جي حڪومتي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جو هڪ مضبوط نظام جوڙڻ ۾ مدد ملي آهي، گڏيل قومن، او آءِ سي، بين الپارلياماني يونين، او آءِ سي ميمبر رياستن جي پارلياماني يونين ۽ ٻين عالمي ۽ علائقائي فورمن جي ميمبرن جي حيثيت سان اسان گڏيل ڳڻتي ۽ مفادن جي معاملن تي هڪٻئي جي حمايت ڪندا رهيا آهيون، اسان جي ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽس به گڏيل مفادن جي حامل تعاون جي شعبن ۾ مسلسل ڪم ڪنديون رهيون آهن، هن چيو ته مون کي اهو چوندي انتهائي خوشي آهي ته اسان جي پارليامنٽ جي ٻنهي ايوان ۾ پاڪ – انڊونيشيا دوستي گروپ جوڙيا ويا آهن جنهن ۾ هن وقت ايوان ۾ حاضر سمورين سياسي پارٽين جي نمائندگي آهي.