سينيٽ جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي

سينيٽ جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ26جنوری2018ء) سينيٽ جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس جي صدارت سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ڪئي، اجلاس هڪ هفتي تائين جاري رهيو جنهن ۾ قانونسازي کانسواءِ اهم قومي معاملا اڪلايا ويا.