سينيٽ پاران قومي احتساب آرڊيننس 1999ع ۾ ترميم لاءِ سفارشون جوڙيندڙ پارلياماني ڪميٽي ۾ ميمبرن جي نامزدگي جو اختيار سينيٽ چيئرمين حوالي ڪرڻ جي رٿ منظور

سينيٽ پاران قومي احتساب آرڊيننس 1999ع ۾ ترميم لاءِ سفارشون جوڙيندڙ پارلياماني ڪميٽي ۾ ميمبرن جي نامزدگي جو اختيار سينيٽ چيئرمين حوالي ڪرڻ جي رٿ منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06ستمبر 2016ء) سينيٽ اتفاق راءِ سان هڪ رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت سينيٽ چيئرمين کي قومي احتساب آرڊيننس 1999ع ۾ ترميم جي لاءِ سفارشون جوڙيندڙ پارلياماني ڪميٽي ۾ سينيٽ جي ميمبرن جي نامزدگي جو اختيار هوندو. اها ڪميٽي ٽن مهينن جي اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته 17 آگسٽ 2016ع تي قومي اسيمبلي به ان حوالي سان رٿ منظور ڪئي آهي. هن سينيٽ چيئرمين کي ڪميٽي ۾ ميمبرن جي نامزدگي جي لاءِ اختيار ڏيڻ جي رٿ پيش ڪئي، ڪميٽي جي لاءِ 20 ميمبر قائد ايوان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مشاورت سان نامزد ڪيا ويندا، سمورين پارلياماني پارٽين کي ايوان ۾ نمائندگي جي حساب سان ڪميٽي ۾ نمائندگي ملندي، چيئرمين چيو ته اها ڪميٽي پنهنجي ٺهڻ جي ٽن مهينن اندر رپورٽ پيش ڪندي.