6 سيپٽمبر قومي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي: سيد خورشيد شاهه

6 سيپٽمبر قومي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي: سيد خورشيد شاهه

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته 6 سيپٽمبر قومي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي جڏهن اسان جي جوانن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي قوم ۽ ملڪ جو دفاع ڪيو، عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي باوجود عوام کي هن ڀيري به رليف ناهي ڏنو ويو، پيٽروليم جي قيمتن تي سيلز ٽيڪس 3 سيڪڙو تائين وڌايو ويو. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته 6 سيپٽمبر قومي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي، اسان جي جوانن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي قوم ۽ ملڪ جو دفاع ڪيو، اسان کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ۽ تاريخ مان سبق سکڻ گهرجي. هن چيو ته وفاق پاڪستان جي چئني وفاقي ڌرين جا هڪ جهڙا حق آهن، اسان کي پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، عوامي مسئلا ۽ معاملا اسان سڀني جا گڏيل آهن ڇو ته اسان عوام جا نمائندا آهيون. هن چيو ته حڪومتون ويلفيئر ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ هونديون آهن، هر سياسي پارٽي جو پنهنجو منشور هوندو آهي، اسان عوام کان مينڊيٽ وٺي هتي انهن جو آواز اٿارڻ جي لاءِ اچون ٿا، ويلفيئر جو تصور هاڻي ڪمرشل ٿي ويو آهي. هن چيو ته عوام کي بجلي جي لوڊشيڊنگ، آبادگارن کي ڀاڻ مهيا ڪرڻ سميت ڪيترائي مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته دنيا ۾ تيل جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن، اها خبر اچي رهي هئي ته پيٽروليم ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي پر ائين نه ٿيو پر پيٽروليم جي قيمتن تي 3 سيڪڙو سيلز ٽيڪس وڌايو ويو، ڊيزل تي سيلز ٽيڪس ساڍا 4 رپيا ڪيو ويو، پيٽروليم مصنوعات تي موجوده حڪومت هڪ ارب ڊالر اضافي روينيو وصول ڪيو آهي.