فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن بل 2016ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن بل 2016ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06ستمبر 2016ء) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن بل 2016ع قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ تجويز ڪيو ويو آهي ته گريڊ 11 کان 15 تائين جي ملازمن جي مقرري به پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ڪرڻ گهرجي. ڪالهه اڱاري ڏينهن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبر ڊاڪٽر فوزيه حميد رٿ پيش ڪئي ته فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن بل 2016ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، ڊاڪٽر فوزيه حميد بل جا مقصد پيش ڪندي چيو ته فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن اهم ادارو آهي، تنهن هوندي به ان جا اختيار محدود آهن، هن اداري جي گريڊ 11 کان 15 تائين جي ملازمن جي مقرري به ايف پي ايس سي ذريعي ٿيڻ گهرجي، وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو ته گريڊ 16 جي ملازمن جي مقرري ايف پي ايس سي ذريعي ٿئي ٿي، جڏهن ته ان کان هيٺئين گريڊ جي ملازمن جي مقرري وزارتون پاڻ ڪرڻ جو اختيار رکن ٿيون، بل کي ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ ۾ ڪو حرج نه آهي، رٿ جي منظوري کانپوءِ ڊاڪٽر فوزيه حميد بل پيش ڪيو جيڪو لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو.