سينيگال جو صدر ميڪي سال سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو

سينيگال جو صدر ميڪي سال سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06ستمبر 2016ء) سينيگال جو صدر ميڪي سال ڪالهه اڱاري جي صبح ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم محمد نواز شريف نور خان ايئربيس تي سندس شاندار آجيان ڪئي. قومي لباس پهريل ٻارن معزز مهمان کي گلدستو پيش ڪيو. سينيگال جو صدر دوري دوران پاڪستان ۽ سينيگال جي وچ ۾ تعان جا نوان امڪان ڳولڻ لاءِ ڳالهيون ڪندو. هو مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ مفاهمتي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪندو. وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن صلاحڪار سرتاج عزيز پڻ معزز مهمان جي استقبال لاءِ ايئرپورٽ تي موجود هو.