وزيراعظم پارن ڪالم نگار منوڀائي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

وزيراعظم پارن ڪالم نگار منوڀائي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ19جنوری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي بزرگ ڪالم نگار منوڀائي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ دکي انسانيت جي خدمت ۾ مرحوم جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته انسانيت سان محبت ۽ خدمت جو سندس جذبو واکاڻ جوڳو آهي، وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي هي صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا ڪري.