اسان سدائين پاڪستان زنده آباد، پارليامينٽ زنده باد، جمهوريت زنده باد جو نعرو لڳائيندڙ آهيون، اسان ملڪ لاءِ جان ڏيندڙ آهيون، پاڪستان کي بچائڻ جو آخري حل اسان جي پارليامينٽ هوندي: سيد خورشيد احمد شاهه

اسان سدائين پاڪستان زنده آباد، پارليامينٽ زنده باد، جمهوريت زنده باد جو نعرو لڳائيندڙ آهيون، اسان ملڪ لاءِ جان ڏيندڙ آهيون، پاڪستان کي بچائڻ جو آخري حل اسان جي پارليامينٽ هوندي: سيد خورشيد احمد شاهه

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ18جنوری2018ء) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته اسان سدائين پاڪستان زنده آباد، پارليامينٽ زنده باد، جمهوريت زنده باد جو نعرو لڳائيندڙ آهيون، اسان ملڪ لاءِ جان ڏيندڙ آهيون، پاڪستان کي بچائڻ جو آخري حل اسان جي پارليامينٽ هوندي، گذريل ڏينهن جون تقريرون ٻڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو، شهيد ڀٽو جو ڦاهي جي ڦنڌي ۾ لٽڪل لاش ۽ بينظير ڀٽو جي شهادت ياد آئي جنهن جمهوريت جي لاءِ قربانيون ڏنيون. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي سيد خورشيد شاهه چيو ته گذريل ڏينهن ان ڪنٽينر تي اسان به هئاسين، اسان جو احتجاج موجوده نظام ۽ لاقانونيت جي حوالي سان هو، هن چيو ته قصور پارليامينٽ جو ناهي هوندو جيڪڏهن ڪير سوچي ٿو ته قصور پارليامينٽ جو آهي ته پوءِ هو انڌيري ۾ آهي، ان کي سياست ڇڏي ڏيڻ گهرجي، ڪنهن کي جذبات ۾ اچڻ، جهيڙو ڪرڻ، گاريون ڏيڻ جي ضرورت ناهي، ملڪ جي سياست هڪ نئين رخ تي هلي رهي آهي، پهريان هي پارليامينٽ جو وجود ئي نه هو پوءِ هڪ ڊڪٽيٽر جي ڇٽي جي هيٺان رهيو، 48 کان 49 سالن کان پارليامينٽ ۾ ڪيترائي لاها چاڙها آيا، سياستدانن پارليامينٽ جي لاءِ قربانيون ڏنيون، 16 سالن جي عمر ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ ايوب خان دور ۾ مون ڪوڙا کاڌا، پاڪستان کي بچائڻ جو آخري حل اسان جي پارليامينٽ هوندي، هن چيو ته گذريل ڏينهن مون کي ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو، مون کي شهيد ڀٽو جو لاش سولي تي لٽيڪل نظر آيو، مون کي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ياد آئي جنهن دنيا جي منع ڪرڻ باوجود هتي جمهوريت جي بحالي لاءِ اچڻ جي ڳالهه ڪئي، هن پارليامينٽ 73ع جو آئين بڻايو، هن پارليامينٽ اسان کي پنهنجي حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ جي زبان ڏني ۽ سمورن ادارن کي طاقت ڏني، هن پارليامينٽ ڀارت کان 90 هزار فوجي ۽ سول قيدين کي آزاد ڪرايو، هن پارليامينٽ پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو، ملڪ کي ميزائيل ٽيڪنالاجي ڏني، هن پارليامينٽ ارڙهين ترميم جي لاءِ صوبن کي ڊڪٽيٽرن کان کسي اختيار ڏنا، پارليامينٽ جي خلاف جيڪي لفظ استعمال ڪيا ويا اهي اسان هتي نه ورجائينداسين، جنهن به اهي لفظ چيا ان جي منهن ۾ ڌوڙ، هن چيو ته هر هڪ جي خواهش هوندي آهي ته هو هن پارليامينٽ جو ميمبر بڻجي ۽ پاڪستان جي عوام ۽ ٻار ٻچي لاءِ هتي قانون جوڙي، هن چيو ته پاڪستان ۾ 20 ڪروڙ عوام کي هن ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي، ماڻهو سوچيندا ته هو هن پارليامينٽ کي ووٽ ڇو ڏين، هن چيو ته هن ملڪ جي نوجوانن کي پاڪستان جي شناخت گهرجي، انهن ٻارن سان ادارن جي توهين ڪري شناخت ڦري پئي وڃي. هن چيو ته وڏي فخر سان چوان ٿو ته اسان سولي تي به چڙهياسين، جيڪڏهن ڀٽو هجي ها ته ڪڏهن به آمريڪا جي ڊڪٽيشن نه وٺي ها، دنيا ڀٽو جي آواز کان رڦندي هئي، محترمه بينظير ڀٽو زنده هجي ها ته ڪنهن کي پاڪستان جي خلاف 33 ارب جي ڳالهه ڪرڻ جي جرائت نه ٿئي ها، هن پارليامينٽ کي وڏن وڏن ماڻهن بريفنگ ڏني، هن پارليامينٽ دهشتگردي جي خلاف آپريشن ضرب عضب، رد الفساد ڪيا، عمران خان ۽ شيخ رشيد هن پارليامينٽ جو تقدس پائمال ڪيو، اسان لاش کنيا پر اسان ڪڏهن نه چيو ته اسان کي پاڪستان نه گهرجي، اسان ڪڏهن ادارن جي توهين نه ڪئي، اسان لعنت نه وڌي، اسان جي وزيراعظم کي هڪ سيڪنڊ ۾ ڪڍيو ويو اسان ڪنهن اداري جي توهين نه ڪئي، اڄ انهن ججن کي محسوس ٿيندو هوندو ته هو پيپلزپارٽي پاڪستان جي خوشحالي چاهي ٿي، محب وطن پارٽي آهي، هن چيو ته اسان زينب جي قتل ۽ حڪومتي پاليسين جي مخالفت ڪريون ٿا پر مردان ۽ ڊيرا اسماعيل خان جي واقعن جي پرده پوشي ڪئي ويندي آهي، هن چيو ته پاڪستان جي نالي تي اسان جان جون قربانيون ڏيڻ وارا آهيون، پاڪستان جي ادارن جي مضبوطي لاءِ سر جي بازي لڳائيندڙ آهيون، پاڪستان جي عوام کي چئون ٿا ته پاڪستان سان محبت ڪندڙن کي سڃاڻو، ڪير به استعيفا ڏئي ڇڏي هن ايوان کي فرق نٿو پوي، پر اها ئي پارليامينٽ اسان جي محافظ ۽ ڇٽي آهي. هي چاهين ٿا ته هتي ڊڪٽيٽرشپ اچي وڃي، اسان عدليه کي آزاد ڏسڻ چاهيون ٿا، هو آزاداڻي ۽ ملڪ جي حق ۾ فيصلا ڪري، اسان پاڪ فوج کي سيهي جي ديوار بڻائڻ چاهيون ٿا، هن جي ان ڳالهه سان پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام کي تڪليف ٿي، اسان سدائين پاڪستان زنده باد، پارليامينٽ زنده باد، جمهوريت زنده باد جو نعرو لڳائيندڙ آهيون، اسان ملڪ جي لاءِ جان ڏيندڙ آهيون، پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي خلاف ڳالهائيندڙ ڪڏهن پاڪستان جي تاريخ ۾ زنده نه رهندا.