پاڪستان پيپلزپارٽي پاران عمران خان ۽ شيخ رشيد طرفان پارليامينٽ کي گاريون ڏيڻ جي سخت مذمت، انهن جي خلاف استحقاق واري رٿ آڻڻ جو مطالبو

پاڪستان پيپلزپارٽي پاران عمران خان ۽ شيخ رشيد طرفان پارليامينٽ کي گاريون ڏيڻ جي سخت مذمت، انهن جي خلاف استحقاق واري رٿ آڻڻ جو مطالبو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ18جنوری2018ء) پاڪستان پيپلزپارٽي عمران خان ۽ شيخ رشيد طرفان پارليامينٽ کي گاريون ڏيڻ جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ان جي خلاف استحقاق واري رٿ آندي وڃي، جمهوريت پارليامينٽ جي ذريعي ئي ايندي، اهو هن پارليامينٽ مان مراعتون وٺي رهيو آهي پوءِ به گاريون ڏئي رهيو آهي. پارليامينٽ مستحڪم هوندي ته جمهوريت مضبوط هوندي. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي اعجاز جکراڻي چيو ته گذريل ڏينهن لاهور ۾ هڪ جلسو هو جنهن ۾ هڪ ٽانگا پارٽي جي اڳواڻ هن پارليامينٽ کي گاريون ڏنيون، ان ميمبر جي ڪا به حيثيت ناهي هو اهڙي طرح جون ڳالهيون ڪندو رهندو آهي، هن کي صرف گاريون ڏيڻ اينديون آهن. پارليامينٽ جمهوريت جو حسن آهي جنهن وٽ هتي اڪثريت هوندي آهي اهو ئي حڪومت ٺاهيندو آهي، پارليامينٽ جيڪڏهن ڪو غلط قانون يا بل منظور ڪيو آهي ان سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان پيپلزپارٽي هن پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي لاءِ بي شمار ۽ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، محترمه بينظير ڀٽو شهيد چوندي هئي ته ”جمهوريت بهترين انتقام آهي“ پارليامينٽ بالادست آهي، اسان عمران جي ان ڳالهه جي مذمت ڪريون ٿا، ان جي خلاف استحقاق واري رٿ آندي وڃي ۽ کيس طلب ڪيو وڃي، هن چيو ته انهن ئي ماڻهن پارليامينٽ تي حملو ڪيو، اسان ان وقت به جمهوريت کي بچائڻ لاءِ هتي ايندا رهيا آهيون، اسان پارليامينٽ جي بالادستي تي يقين رکون ٿا، هن چيو ته 2014ع جي ڌرڻي کانپوءِ مسلم ليگ (ن) سميت سمورين پارٽين کي سبق سکڻ گهربو هو، عمران خان کي يوٽرن وٺڻ جي عادت آهي هو هڪ ڳالهه ڪندو آهي پوءِ ان کان انڪاري ٿي ويندو آهي، هن چيو ته پارليامينٽ کي جڏهن به ڪو خطرو هوندو پيپلزپارٽي سڀني جي اڳيان بيٺل هوندي، هن چيو ته پيپلزپارٽي جمهوريت جي خلاف ڪنهن سازش جو حصو نه بڻجندي.