پهرين فيبروري تي اسپيڪر نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس رکيو آهي: خواجه محمد آصف

پهرين فيبروري تي اسپيڪر نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس رکيو آهي: خواجه محمد آصف

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ18جنوری2018ء) پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ آمريڪي پابندين ۽ ڌمڪين سميت ٻيا معاملا غور هيٺ ايندا. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران خواجه آصف چيو ته پهرين فيبروري تي اسپيڪر نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس رکيو آهي جنهن ۾ آمريڪا جي پابندين، ڌمڪيون غور هيٺ اينديون، ان کانپوءِ فارن آفيس، دفاع، فنانس به هوندا، جيڪڏهن چاهي ٿو ته سڄي هائوس جي ڪميٽي جوڙي وڃي ته ڪو اعتراض نه آهيَ