ڊي – 8 ملڪن جي ڪانفرنس اپريل 2018ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيندي: شيزا فاطمه خواجه

ڊي – 8 ملڪن جي ڪانفرنس اپريل 2018ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيندي: شيزا فاطمه خواجه

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ18جنوری2018ء) ڊي – 8 ملڪن جي ڪانفرنس اپريل 2018ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيندي. ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوال واري وقفي دوران شڪيله لقمان جي سوال جي جواب ۾ شيزا فاطمه خواجه ٻڌايو ته گذريل ٽن سالن دوران پاڪستان جي روانگي واپار ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو هاڻي ان تي ضابطو آندو ويو آهي، گذريل سال جي مقابلي ۾ هلندر سال 18 -2017ع ۾ جولاءِ کان نومبر تائين روانگي واپار ۾ 10.50 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ان دوران 9 ارب 3 ڪروڙ ڊالر جو روانگي واپار ٿيو، صبيحه نذير جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته پاڪستان ڊي ايٽ ملڪن جي ڪانفرنس اپريل 2018ع ۾ ڪرائڻ جي آڇ ڪئي آهي ته جيئن معاهدي جي فعاليت جي راهه ۾ درپيش رڪاوٽون ختم ڪري سگهجن. ان سان ڊي ايٽ ملڪن جي وچ ۾ واپار جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ٿينديون.