غربت جي خاتمي جي حوالي سان رورل سپورٽ پروگرام نيٽ ورڪ جون ڪوششون اهم آهن: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

غربت جي خاتمي جي حوالي سان رورل سپورٽ پروگرام نيٽ ورڪ جون ڪوششون اهم آهن: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ17جنوری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ملڪ جي مختلف حصن ۾ غربت جي خاتمي جي حوالي سان رورل سپورٽ پروگرام نيٽ ورڪ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت نه رڳو غريبن کي هر ممڪن معاونت فراهم ڪرڻ پر انهن کي مستقل طور پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ هنرمند بڻائڻ ۽ انهن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ پڻ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه رورل سپورٽ پروگرام نيٽ ورڪ جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن پنهنجي چيئرمين شعيب سلطان جي سربراهي ۾ ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ محترمه شندانه خان، ڊاڪٽر راشده باجوه، مسعود الملڪ، محمد ديتال ڪلهوڙو، نادر گل ۽ مظفرالدين شامل هئا. شعيب سلطان وزيراعظم کي رورل سپورٽ پروگرام نيٽ ورڪ جي معاملن ۽ ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو جيڪو غريب ماڻهن کي سوشل موبيلائيزيشن نيٽ ورڪ ذريعي غربت جي شڪنجي کي ٽوڙڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو. شعيب سلطان خان چيو ته رورل سپورٽ پروگرام نيٽ ورڪ بهتر حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيو آهي جنهن ۾ سماجي نيٽ ورڪنگ، سگهه پيدا ڪرڻ ۽ انساني وسيلن جي ترقي، ننڍي پئماني تي قرضن جي فراهمي ۽ فني معاونت سان گڏوگڏ ضروري رابطن جو فروغ شامل آهي، اهڙن قدمن جي ڪري غربت ۾ گهٽتائي ۽ غريب طبقي کي پائيدار بنيادن تي روزگار ڪمائڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ ڏکڻ ايشيا جي مختلف ملڪن ۾ مثبت نتيجا برآمد ٿيا آهن. هن اها به آڇ ڪئي ته رورل سپورٽ پروگرام جو تربيت يافته عملو ۽ سڄي ملڪ ۾ وسيع نيٽ ورڪ معاشري جي غريب ماڻهن کي غربت جي چنبي مان ڪڍڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن ۾ معاونت فراهم ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم رورل سپورٽ پروگرام نيٽ ورڪ جي ملڪ جي مختلف حصن ۾ غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪوششن ۽ خدمتن کي ساراهيندي مسلم ليگ (ن) جي قيادت جي ويزن جو ذڪر ڪيو جنهن 1991ع ۾ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام شروع ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته حڪومت نه رڳو غريبن کي هر ممڪن معاونت پر انهن کي هنرمند بڻائڻ ۽ انهن جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ پڻ پرعزم آهي ته جيئن اهي پنهنجي پيرن تي بيهي مستقل طور غربت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن.