پي ٽي آءِ جي ميمبر مسرت احمد زيب قومي اسيمبلي ۾ 7 سالن جي زينب سان پيش آيل واقعي جو ذڪر ڪندي روئي ڏنو

پي ٽي آءِ جي ميمبر مسرت احمد زيب قومي اسيمبلي ۾ 7 سالن جي زينب سان پيش آيل واقعي جو ذڪر ڪندي روئي ڏنو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ17جنوری2018ء) پي ٽي آءِ جي ميمبر مسرت احمد زيب قومي اسيمبلي ۾ 7 سالن جي زينب سان پيش آيل واقعي جو ذڪر ڪندي روئي ڏنو جڏهن ته هن چيو ته کيس افسوس آهي ته ان حوالي سان گذريل ڏينهن منهنجو بل ايجنڊا تي موجود هو تنهن هوندي به ڪجهه عورتن ئي ان جي مخالفت ڪندي ڪورم جي نشاندهي ڪئي. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مسرت احمد زيب اعتراض واري نقطي تي چيو ته قانون آهي ۽ عملدرآمد به ٿي رهيو آهي پر سزا تمام گهٽ آهي. ميمبرن کي اڳ ۾ لاڳاپيل قانونن جو بهتر طريقي سان جائزو وٺڻ گهرجي. ٻارن سان زيادتي ۽ يورنوگرافي جي حوالي سان مون بل پيش ڪيو هو جنهن ۾ ڦاهي جي سزا تجويز ڪئي وئي پر قانون ۽ انساني حقن واري وزارت ان جي مخالفت ڪئي ان تي مون سزا کي ڦاهي مان عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي اهو بل ڪميٽي ۾ پيل رهيو ۽ ان تي ڪا ڪارروائي نه ٿي، اسان کي حادثن جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي پر عملي قدم کڻڻ گهرجن.